نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پا??ستاني معيشت جي سڀني شعبن ۾ آمريڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي، ڪاروبار ۾ آساني جي لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪرڻ جو مقصد سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي، مس??لن جي فوري حل ۽ سهولتڪاري جي ذريعي منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پنهنجي نيويارڪ جي دوري دوران آمريڪا – پا??ستان بزنس ڪائونسل جي وفد سان خطاب دوران ڪيو. ان موقعي تي ڪائونسل جو صدر ۽ ٻيا اعليٰ عهديدار ۽ آمريڪا جي ڪارپوريٽ انٽرپرائيزز جا سربراهه به موجود هئا. وزيراعظم پا?? – آمريڪا واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي حوالي سان پا??ستاني معيشت جي سمورن شعبن ۾ آمريڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي. حڪومت ڪاروبار ۾ سهولتن جي فراهمي تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪارپوريٽ ڌرين جي تجويزن کي ترجيح ڏني پئي وڃي. شرڪت ڪندڙن کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل کان متعارف ڪرائيندي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايس آءِ ايف سي هڪ اعليٰ سطحي ون ونڊو ايجنسي آهي جيڪا غيرملڪي سيڙپڪارن کي چئن اهم شعبن ۾ زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ کاڻين جي کوٽائي ۾ منصوباسازي ۽ عملدرآمد جي حوالي سان سهولت فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته ايس آءِ ايف سي جو مقصد سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي، مس??لن جي فوري حل ۽ سهولتڪاري جي ذريعي منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پا??ستان جي معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي زراعت، فن ٽيڪ، دواسازي، تيل ۽ گئس ۽ کاڻين جي کوٽائي سميت ٽيڪنالاجي سيڪٽر جي نشاندهي ڪئي جتي آمريڪي ڪمپنيون حڪومت جي پاليسين مان فائدو کڻي سگهن ٿيون ۽ گڏيل طور تي لاڀائتا منصوبا شروع ڪري سگهن ٿيون. اجلاس ۾ پا??ستان ۾ آمريڪي سيڙپڪارن جي سينيئر نمائندن شڊرڪت ڪئي. جن ۾ سينيئر نائب صدر ۽ انٽرنيشنل يو ايس ??يمبر آف ڪامرس جو سربراهه جان مرفي، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايشيا، آمريڪا پا??ستان بزنس ڪائونسل جي صدر ايسپر انزا جيلاليان، ايڪسلريٽ انرجي جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اسٽيون ڪوبوس، پيپسي ڪو، ايڪسليريٽ انرجي، ٽي آر جي پا??ستان، ماسٽر ڪارڊ، پي اين ڊي جي، ايلومينا ۽ ايبٽ جا سينيئر نمائندا شامل هئا. آمريڪا پا??ستان بزنس ڪائونسل جي صدر ايسپر انزا جيلاليان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پا??ستان آمريڪي سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار جڳهه آهي ۽ ان حوالي سان تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪائونسل جي وفد جو پا??ستان جو دورو متوقع آهي ۽ ان دوري ۾ سيڙپڪاري جا وڌيڪ موقعا ڳولڻ جا موقعا ملندا. بعد ۾ آمريڪي ڪاروباري ڪمپنين جي نمائندن وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ وزيراعظم انهن جي مختلف سوالن جا جواب پڻ ڏنا.
پاڪستاني معيشت جي سڀني شعبن ۾ آمريڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری