اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته آءِ پي پيز جي مسئلي کي خوش اسلوبيءَ سان حل ڪيو ويندو، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا آڻٽر آهن، مستقبل جي توانائيءَ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ بهتر منصوبا بندي ڪري رهيا آ??يون. گذريل ڏينهن نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته توانائيءَ جو شعبو معيشت جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، ان لاءِ ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي توانائيءَ جي شعبي ۾ سڌارا ڪري رهيا آ??يون. هن چيو ته بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين ۾ جديد ٽيڪنالاجي ??ي هٿي وٺرائي پئي وڃي. بجلي جي ورڇ ۽ پهچ جي نظام کي وقت جي ضرورت سمجهندي جديد رُخن تي آڻي رهيا آ??يون. هن چيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ 17 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي. لائن لاسز ۾ گهٽتائي ۽ ريڪوريز ۾ بهتريءَ لاءِ وڌيڪ فعال حڪمت عمل?? اپنائڻ جي ضرورت آهي. حڪومت ان حوالي سان به سڌارا ڪري رهيا آ??ن. هن چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جي بنيادي سببن ۾ بهتر منصوبا بنديءَ جو فقدان، گردشي قرضن جو بار ۽ صارفين تي بلند وياج جي شرح آهي.
آءِ پي پيز جي مسئلي کي خوش اسلوبيءَ سان حل ڪيو ويندو: وفاقي وزير اويس خان لغاري
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا