اشڪ آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خطي جي ملڪ?? جي وچ ۾ رابط?? جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بهتر علائقائي رابطن سان ثقافتي ۽ اقتصادي تعاون مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ترڪمانستا?? جي دوري جي موقعي تي عالمي فورم ”وقت ۽ تهذيب جو گڏيل تعلق: امن ۽ ترقي جو بنياد“ کي خطاب ڪندي ڪيو. فورم ۾ ترڪمانستا?? جي صدر بردي محمدوف کانسواءِ روسي فيڊريشن، ايران، ڪرغزستان، ازبڪستان، تاجڪستان، قازقستان ۽ منگوليا جي صدرن ۽ ڪيترن ئي ملڪ?? جي نمائندن شرڪت ڪئي. فورم جو انعقاد ترڪمانستا?? جي قومي شاعر مخدوم گلي فراگي جي 300هين سالگرهه جي مناسبت سان ڪيو ويو هو. صدر چيو ته ترڪمان ادب جي هڪ وڏي شخصيت ۽ ثقافتي ۽ روحاني روشن خيالي جي هڪ اهم شخصيت مخدوم گلي فراگي جي 300هي?? پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي هن پروقار اجتماع کي خطاب ڪرڻ سندس لاءِ وڏي عزاز جي ڳالهه آهي، ثقافت?? جي وچ ۾ افهام ۽ تفهيم، امن ۽ مڪالمي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هن باوقار تقريب جي انعقاد جي لاءِ آئون ترڪمانستا?? جي حڪومت ۽ ڀائر ماڻهن کي دل سان ساراهيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستا?? جي وچ ۾ ڀائيچاري جو گهرو رشتو آهي جيڪو گڏيل احترام، عقيدي جي هڪ جهڙائي سميت هڪ بهتر ۽ پرامن مستقبل جي لاءِ گڏيل ويزن تي قائم آهي.
صدر چيو ته ڪانفرنس ۾ منهنجي شرڪت ٻنهي ڀائر ملڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي اسا?? جي عزم جي عڪاس آهي، اسان کي علائقائي ملڪ?? جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي جيڪا ثقافتي ۽ اقتصادي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪندي. هن چيو ته پاڪستا?? جي بانين مان هڪ ٻيو اسان جو قومي شاعر علامه محمد اقبال ۽ مخدوم گلي فراگي تصور ۽ قوم پرستي بابت پنهنجي شاعري ۽ فڪر ۾ ڪيتري ئي هڪجهڙائي رکن ٿا. صدر چيو ته مخدوم گلي فراگي نه ??ڳو هڪ شاعر پر ترڪمان ماڻه?? جي جذبي، امنگن ۽ حب الوطني جي علامت آهي، 18هين صديءَ ۾ لکيل سندس شعر اڄ به اسا?? جي دلين ۾ گونجي رهيا آهن ۽ ان سان گڏوگڏ رهنمائي، تحريڪ ۽ اتحاد جو احساس فراهم ڪن ٿا، مخدوم گلي فراگي سياسي ۽ سماجي بدامني جي دور ۾ پيدا ٿيو جڏهن ترڪمان قبيلا منتشر ۽ ورڇ ٿيل هئا، انهن چئلينجز جي باوجود هن ترڪمان عوام کي متحد ڏسڻ جي خواب جي لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. هن چيو ته آئون خاص طور تي ترڪمانستا?? جي صدر بردي محمدوف کي ساراهڻ چاهيندس جو هن مخدوم گلي فراگي جي فڪر کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ علائقائي ملڪ?? جي قيادت سان ڳالهه ٻولهه جو موقعو فراهم ڪرڻ جي لاءِ هي تقريب منعقد ڪئي جنهن سان اسا?? جي دوستي جي رشتن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي.
صدر چيو ته ترڪمان قوم کي 2024ع کي ”ترڪ دنيا جي عظيم شاعر ۽ مفڪر مخدوم گلي جي سال“طور تي ملهائڻ تي پڻ مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته ڪانفرنس ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۽ غور فڪر سان نه ??ڳو مخدوم گلي فراگي جي ياد کي سگهه ملندي پر اسا?? جي ملڪ?? جي وچ ۾ ثقافتي تعاون جون نيون راهون پڻ هموار ٿينديون. صدر چيو ته اچو اسان ان موقعي کي انهن قدرن سان پنهنجي وابستگي جو ورجاءُ ڪريون جن کي هو پسند ڪندا هئا ۽ ايندڙ نسل?? جي لاءِ هڪ روشن ۽ پرامن مستقبل بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. هن چيو ته مون کي صدر بردي محمدوف سان ملي پڻ خوشي ٿي جيڪو منهنجي عظيم دوست ۽ اڳوڻي صدر قربان گلي بردي محدودف جو فرزند آهي جن سان مون کي مختلف فورمز تي ڪيترائي ڀيرا ملاقات جي سعادت حاصل ٿي، هو نه ??ڳو هڪ عظيم سياستدان پر هڪ ناليوارو عالم ۽ ڪيترين ئي ڪتابن جو ليکڪ پڻ آهي. صدر چيو ته فورم جي انعقاد سان خطي جي ملڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته فورم خطي جي ملڪ?? جي وچ ۾ ثقافتي تعاون جون نيون راهون هموار ڪندو. صدر آصف علي زرداري پنهنجي خطاب جي پڄاڻي مخدوم گلي فراگي جي خوبصورت شعر تي ڪئي.