اسلام آباد -16 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم جي مي??بر ملڪن جي ڪائو??سل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جو 23هون اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اربع تي هتي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ شروع ٿي ويو، وزيراعظم ايس سي او اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ حڪومتي سربراهن جي اچڻ تي سندن شاندار استقبال ڪيو.ا جلاس ۾ شريڪ مي??بر ملڪن جي اڪثر حڪومتي سربراهن ۽ وزيرن گذريل ڏينهن وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد پهتا جڏهن ته چين جو وزيراعظم لي چيانگ اڳ ئي سرڪاري دوري تي پاڪس??ان ۾ آهي. شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ روس جو وزيراعظم ميخائيل مشوستن ۽ ايران جو معدنيا وارو وزير محمد اتابڪ به پاڪس??ان پهچي ويا آهن. اجلاس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جا اڳواڻ ايس سي او جي مي??بر ملڪن وچ ۾ معيشت، واپار، ماحوليات، سماجي ۽ ثقافتي رابطن جي شعبن ۾ جاري تعاون تي ڳالهيون ڪندا ۽ گڏيل لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ سان گڏوگڏ ٻين معاملن تي به غور ويچار ڪندا. ڪائو??سل آف هيڊز آف گورنمينٽ شنگهائي تعاون تنظيم جو ٻيو اعليٰ ترين فو??م آهي جنهن جي سربراهي پاڪس??ان وٽ آهي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف هن وقت ڪائو??سل جي چيئر جي عهدي تي مقرر آهي. شنگهائي تعاون تنظيم جي ٻن ڏينهن واري سربراهي اجلاس ۾ چين، روس، ڪرغزستان، بيلاروس، تاجڪستان، ترڪمانستان، قازقستان، منگوليا، ڀارت، ايران ۽ ٻين ملڪن جي اڳواڻن کان علاوه مبصر ملڪن ۽ ڊائيلاگ پارٽنرز شرڪت ڪري رهيا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي مي??بر ملڪن جي ڪائو??سل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ ٿيندڙ باضابطا اجلاس کان اڳ مي??بر ملڪن جي اڳواڻن جي آجيان ڪئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪس??ان ڪرغزس??ان جي گادي واري هنڌ بشڪيڪ ۾ آڪٽوبر 2023ع ۾ ٿيل اجلاس ۾ سال 24-2023ع لاءِ حڪومتي سربراهن جي ڪائو??سل جي چيئر سنڀالي هئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل رات شنگهائي تعاون تنظيم جي مي??بر ملڪن جي وفدن جي اعزاز ۾ ڊنر ڏنو جنهن ۾ چين، روس، تاجڪستان، ڪرغزستان، قازقستان، بيلاروس ۽ ترڪمانس??ان سميت مي??بر ملڪن جي اڳواڻن ۽ نمائندن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مهمانن جي آجيان ڪئي ۽ اجلاس ۾ شرڪت تي انهن کي ڀليڪار چيو، ميزبان وزيراعظم شريڪ اڳواڻن سان گڏ تصويرون به ??ڍايون. اجلاس ۾ منگوليا مبصر طور ايس سي او سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. ايس سي او جي سيڪريٽري جنرل جانگ منگ ۽ ٻيون اهم شخصيتون به ايس سي او اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيون آهن. شنگهائي تعاون تنظيم جي مي??بر ملڪن جي ڪائو??سل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي اجلاس کي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي افتتاحي خطاب کان پوءِ پرڏيهي وفدن جا سربراهه به خطاب ڪندا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جو 23هون اجلاس شروع
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena