اسلام آباد -21 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪستان لاءِ 2024ع اهم سال آهي، جتي ??سا?? پنهنجي مستقبل جي رُخ جو تعين ڪري سگهون ٿا، انهي لاءِ ڀروسي جوڳي ۽ معياري ڊيٽا جي فراهمي اڻٽر آهي ته جيئن ??سا?? صحيح فيصلا ڪري سگهون ۽ ٽيڪنالاجي جي انقلاب ۾ دنيا جي ٻين ملڪن سان قدم سان قدم ملائي هلي سگهون، معاشي ميدان ۾ ترقي لاءِ ??سا?? کي پاليسين جي تسلسل ۽ استحڪام جي اشد ضرورت آهي، لانگ مارچ ۽ مظاهرن سان ملڪ اڳيان نه وڌندو پر ??سا?? کي مستقل مزاجي ۽ درست رخ ۾ پاليسي سازي ذريعي اڳيان وڌڻو پوندو ته جيئن ملڪ جي معيشت کي مستحڪم ۽ ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. انهن خيالن جو اظهار هن ڊيٽا فيسٽ 2024ع جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ نادرا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل منير افسر، رٿابندي وارو سيڪريٽري اويس منظور، وفاقي ۽ صو??ائ?? وزارتن جي نمائندن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي. هن چيو ته هي درست آهي ته ??سا?? هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿي چڪا آهيون جتي تبديلي جي رفتار تاريخ ۾ بي مثال آهي. تختي کان وٺي فائيو جي تائين جو سفر ??سا?? جي ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ ٿيل اڳڀرائي جو بهترين مثال آهي. ان انقلاب جو بنياد ڊيٽا ۽ جديد ٽيڪنالاجي تي آهي، جيڪو هر شعبي ۾ تبديلي آڻي رهيو آهي. ڊجيٽل انقلاب ۾، ڊيٽا اهو ٻارڻ آهي جيڪو ترقي جي گاڏي کي اڳيان وڌائي رهيو آهي، مصنوعي ذهانت ۽ ٻين جديد ٽيڪنالاجيز جي ترقي ۾ ڊيٽا جو معيار تمام اهم آهي ڇو ته ڪنهن به اصول يا نظام جي ڪارڪردگي ان ڊيٽا جي درستگي ۽ معيار تي ٻڌل هوندي آهي. هن چيو ته هي منهنجي لاءِ بيحد خوشي ۽ اعزاز جي ڳالهه آهي ته اڄ مان پاڪستان جي پهرين ڊيٽا فيسٽ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو آهيان. هي تقريب ??سا?? جي ملڪ ۾ ڊجيٽل ترقي جي هڪ نئين باب جي شروعات آهي ۽ مون کي يقين آهي ته هي ڊيٽا ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. اڄ ??سا?? هڪ اهڙي دنيا ۾ داخل ٿي چڪا آهيون جيڪا انساني تاريخ جي سڀ کان تيز ترين تبديلين مان گذري رهي آهي. ??سا?? اهي ماڻهو آهيان جن تختي تي لکڻ جي زماني کان وٺي فائيو جي جي تيز ترين ڪنيڪٽيويٽي تائين جو سفر پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي. هن چيو ته جڏهن ??سا?? 24 سال کان پوءِ 2047ع ۾ پاڪستان جي 100 سالن واري آزادي جو جشن ملهائڻ جي تياري ڪري رهيا هونداسين، ته ??سا?? جي ترقي ۽ ڪاميابي ۾ سڀ کان وڏو حصو ڊيٽا جو هوندو، هي اهو دور هوندو جڏهن معيشت، حڪومتي پاليسيون ۽ عوامي ڀلائي سڀئي ڊيٽا جي صحيح ۽ اثرائتي استعمال سبب هوندا. ڪنهن به قوم جي ترقي جي پٺيان گهٽ ۾ گهٽ 10 سالن جون مسلسل ۽ مضبوط پاليسيون هونديون آهن جيڪي ان جي ترقي جي راهه کي هموار ڪنديون، ??سا?? کي به اهڙي پاليسي فريم ورڪ جي ضرورت آهي، جيڪو ڊگهي مدي وارو هجي ۽ تسلسل سان عملدرآمد ذريعي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري. هن چيو ته ??سا?? هن وقت ايندڙ پنج سالا منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن ايندڙ سالن ۾ ملڪ جي معيشت ۽ سماجي ترقي جي بنياد کي مضبوط بڻائي سگهجي. جڏهن مان 2014ع ۾ ٺاهيل ويزن 2025 جو مطالعو ڪيو ته اها ڳالهه سامهون آئي ته ان وقت به ??سا?? اهي چئلينجز ۽ مسئلا لکيا هئا جيڪي ??سا?? کي اڄ درپيش آهن. اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ??سا?? جون پاليسي??ن اثرائتون هئڻ باوجود ان جي تسلسل ۾ رڪاوٽون آيون. جنهن سان ترقي جو سفر متاثر ٿيو. هن چيو ته اها ڳالهه خوشي جهڙي آهي ته اڄ هتي نوجوانن جو هڪ وڏو انگ موجود آهي جيڪو ان ڊيٽا جي طاقت ذريعي پنهنجي مستقبل جي راهن جي تعين جو عزم رکي ٿو. ??سا?? جي نوجوانن کي اهي صلاحيتون پيدا ڪرڻ گهرجن ته هو ڊيٽا جو صحيح استعمال ڪري سگهن، ته جيئن هو فيصلا سازي ۽ مسئلن جي حل ڪڍڻ ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري سگهن. هن چيو ته نوجوانن وٽ اهو موقعو آهي ته هو ان ڊجيٽل دور جي طاقت کي استعمال ڪندي پاڪستان کي هڪ روشن مستقبل ڏانهن وٺي وڃن. هاڻي ??سا?? کي غور ڪرڻ گهرجي ته ڇا ايندڙ 24 سال ويڙهه ۾ ضايع ڪنداسين يا پاڪستان کي 2047ع تائين ٽريلين ڊالرز معيشت بڻائن جو عزم تي ڪاربند هونداسين، ??سا?? کي پنهنجو وقت وڃائڻ بدران ان کي هاڪاري طريقي سان استعمال ڪرڻو پوندو، ته جيئن ??سا?? پنهنجا هدف جلد حاصل ڪري سگهون. هن چيو ته تازو ئي ٽي چار ڏينهن اڳ ??سا?? شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي ۽ دنيا اڳيان پاڪستان جو هڪ هاڪاري رخ پيش ڪيو، اهو ??سا?? جي صلاحيتن ۽ ڪاميابين جو اعتراف آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي، ته ??سا?? پنهنجي هاڪاري توانائين کي استعمال ڪندي پاڪستان کي اهڙو ملڪ بڻايو جنهن جي ترقي ۽ صلاحيتن کي دنيا مڃيندڙ هجي، ??سا?? کي يقين آهي ته جيڪڏهن ??سا?? گڏجي اڳيان وڌنداسين ته ڪا به رڪاوٽ ??سا?? جي ترقي جي راهه ۾ نه ايندي، هن چيو ته اڄ جي نوجوانن ۾ اها صلاحيت موجود آهي ته هو 2047ع تائين پاڪستان کي دنيا ۾ هڪ بلند مقام ڏيارين. هن چيو ته ??سا?? کي وقت سان گڏ تبديل ٿيڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻي پوندي ته جيئن ??سا?? هن ڊجيٽل دور جي تيز رفتار ترقي جو ڀرپور فائدو ک??ي سگهون. نوجوانن کي گهرجي ته هو پنهنجي علم کي عملي ميدان ۾ لڳائين ۽ تخليقي سوچ سان گڏ مسئلن جو حل ڪڍن. ان ئي رستي تي هلندي ??سا?? نه رڳو پنهنجي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهنداسين پر دنيا ۾ هڪ بلند مقام به حاصل ڪري سگهنداسين.
معاشي ميدان ۾ ترقي لاءِ پاليسين جي تسلسل ۽ استحڪام جي اشد ضرورت آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II