گڏيل قومون-07 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش غزه ۾ انساني تباهي کي روڪڻ ۽ جنگ بندي جي اعلان لاءِ گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل کان عالمي اداري جي چارٽر جي آرٽيڪل 99 سان رابطو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. هن سل??متي ڪائونسل کي لکيل خط ۾ پارٽر جي باب XV جي آرٽيڪل 99 تي زور ڀريو. آرٽيڪل ۾ چيو ويو آ??ي ته گڏيل قومن جو سربراهه ??نهن به معاملي تي سل??متي ڪائونسل جو ڌيان ڏياري سگهي ٿو جنهن سان ان جي راءِ ۾ عالمي امن ۽ سل??متي کي خطرو ل??حق ٿي سگهي ٿو. اهو خط اربع جي صبح نيويارڪ ۾ سل??متي ڪائونسل جي صدر ڏانهن موڪليو ويو، خط سان گڏ صحافي?? کي ڏنل هڪ بيان ۾ گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ چيو ته 2017ع ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ اهو پهريون موقعو آ??ي جڏهن گڏيل قومن جي سربراهه ??ارٽر 99 تي عمل جي اپيل ڪرڻ تي مجبور ٿيو آ??ي، سيڪريٽري جنرل جي ترجمان وضاحت ڪئي ته گڏيل قومن جي سربراهه غزه ۽ اسرائيل ۾ ايتري ٿوري وقت ۾ انساني جانين جي نقصان تي انتهائي حد کي ڏسندي اهو قدم کڻي رهيو آ??ي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سل??متي ڪائونسل جي صدر کي لکيل پنهنجي خط ۾ چيو ته اسرائيل ۽ فلسطيبن تڪرار سان مجموعي طور تي 8 هفتن کان وڌيڪ جنگ اسرائيل ۽ والاريل فلسطيني علائقي ۾ خوفناڪ انساني تباهي، مصيبتون ۽ اجتماي صدمي کي جنم ڏنو آ??ي، هن يرغمالين جي آزادي جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته غزه ۾ شهري?? کي شديد خطرا درپيش آهن، جتي مبينه طور تي 15 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿيا جن ۾ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار شامل آهن.غزه ۾ تقريبن 80 سيڪڙو ماڻهو بي گهر آهن، 11 لک کان وڌيڪ شهري گڏيل قومن جي پناهگير ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي پناهگاهن ۾ پناهه جا گهرجائو آ??ن.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران غزه ۾ انساني تباهي کي روڪڻ ۽ جنگ بندي جي اپيل
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha