برسلز -19 مارچ (اي پي پي) يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزف بوريل چيو آهي، ته اسرائيل غزه جي پٽي ۾ ڏڪار پيدا ڪري رهيو آهي ۽ بک ک?? جنگ جي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي. العربيه مطابق هن برسلز ۾ غزه لاءِ انساني امداد بابت هڪ ڪانفرنس جي افتتاح جي موقعي تي چيو ته غزه ۾ اسان هاڻي ڏڪار جي ويجهو نه پر ڏڪار جي حالت ۾ آهيون، جنهن ۾ هزارين ماڻهو ڏڪار ۾ مبتلا آهن. هن ??يو ته اهو قبولڻ جوڳو ناهي. ڏڪار ک?? جنگ جي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ اسرائيل?? جنگ ڏڪار جو سبب بڻجي رهي آهي. هن ??يو ته غزه کي ڏڪار جو منهن ??سڻو پئجي رهيو آهي جيڪو قبولڻ جوڳو ناهي. هن فور?? جنگ بندي جي معاهدي تي زور پڻ ڀري??. و??ضح رهي ته غزه جي صحت واري وزارت سومر ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو هو ته 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيل?? جنگ ۾ 31726 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن ۽ 73792 زخمي پڻ ٿيا آهن. وزارت وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران اٽڪل 81 فلسطيني شهيد ۽ 116 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.
اسرائيل غزه ۾ ڏڪار پکيڙي بک کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي: جوزف بوريل
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ