اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ۽ قومي ورثي واري ??ملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي تشخص کي بهتر بڻائڻ لاءِ جامع ڪوششن جي ضرورت آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري ??زارت جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي اعليٰ سطحي اجلا?? جي صدارت ڪري رهي هئي. هن ??يو ته پاڪستان واپاري شعبي ۾ آساني رکندڙ دنيا جي 10 بهترين ملڪن ۾ شامل آهي ۽ اقتصادي بهتري کي استعمال ۾ آڻيندي دنيا ۾ ان پيغام کي اجاگر ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان سيڙپڪاري ??اءِ هڪ بهترين ملڪ آهي. مملڪتي وزير اڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي آفيسرن ??ي چيو ته هو پاڪستان ۽ ان جي عوام بابت غلط فهميون ختم ڪرڻ لاءِ غير ملڪي ميڊيا سان ويجهو رابطا هموار ڪن. حڪومت عوامي راءِ جوڙڻ ۾ ميڊيا جي اهميت کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ ان لاء?? پرڏيهي ملڪ پريس آفيسرن مان اميد آهي ته هو ملڪ جي اعليٰ ترين مفاد کي نظر ۾ رکندي عالمي اهميت جي مختلف معاملن تي پاڪستان جي موقف کي واضح طور تي اجاگر ڪندا.
ملڪي تشخص کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششن جي ضرورت آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب