اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) اطل??عا??، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورن??زي?? ملڪ جي مختلف حصن ۾ صحافين ۽ صحافتي ادارن جي توهين جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي هدايتن تي پاڪستان اندر صحافت جي آزادي سان گڏوگڏ صحافين جا حق متاثر نه ٿيڻ ڏينداسين، صحافين ۽ صحافتي ادارن جي سيڪيورٽي ۽ سيفٽي جي لاءِ اطل??عا?? واري وزارت هر ممڪن صلاحيتون استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هو پارليامينٽ هائوس ٻاهران پي ايف يو جي جي ??هت??ام هيٺ آزادي صحافت ريلي کي خطاب ڪري رهي هئي. پي ايف يو جي جو صدر افضل بٽ، نيشنل پريس ڪلب جو صدر شڪيل انجم، ٻين صحافتي گروپن جا اڳواڻ ۽ سوين صحافي ان موقعي تي موجود هئا. صحافي برادري پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ جي قيادت ۾ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد کان ريلي ڪڍي، مملڪتي وزير مريم اورن??زي?? خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪنهن به صحافي جو مطالبو منهنجو مطالبو آهي، هر جائز مطالبي تي آئون صحافين سان گڏ بيٺل هوندي آهيان ۽ بيٺل رهنديس.
صحافت جي آزادي ۽ صحافين جا حق متاثر نه ٿيڻ ڏينداسين: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج