اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ ملڪ جي خراب ٿيندڙ معيشت کي سنڀاليو، گذريل سال پاڪست??ن جي استحڪام جو سال هو جڏهن ته هلندڙ سال پاڪست??ن جي تعمير جو سال هوندو، ڪشمير پاڪست??ن جو دف??عي دائرو آهي، ميڊيا ڀارتي ڏاڍ جي خلاف تسلسل سان آواز بلند ڪرڻ جو سلسلو جاري رکي، مظلوم ڪشميرين جي جنگ عالمي فورمن تي موثر انداز سان وڙهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم ڪابينا کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ڪشمير بابت پنهنجي ڳالهه ٻولهه کان آگاهه ڪيو، دف??عي پاليسين جي تسلسل جي لاءِ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خ??ن جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ 13 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو.
حڪومت ملڪ جي خراب ٿيندڙ معيشت کي سنڀاليو آهي: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa