لاهور – 06 نومبر (اي پي پي) پنجاب جي ??ڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان سندس آفيس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي ??عاملن، سياسي صورتحال ۽ ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي ??عاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عثمان بوزدار ۽ شاهه محمود قريشي ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي ??اپاڪ مهم جي شديد مذمت ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ادارن جي خلاف هر سازش جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو ۽ قومي ادارن جي ??قار تي ڪو به حرف اچڻ نه ڏينداسين، پنجاب جي ??ڏي وزير عثمان بوزدار چيو ته پاڪستان جا ادارا سڀني جي ??اء?? قابل احترام آهن، مخصوص ايجنڊا تحت ادارن کي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي، افراتفري پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ عنصر دشمن جي ايجنڊا تي هلي رهيا آهن، مايوسي جو شڪار مخالف ڌر عوام کي گمراهه نٿي ڪري سگهي. ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ ۾ مختلف کاتن جي سيڪريٽريز عوام کي سروسز فراهم ڪري رهيا آهن، ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ کي انتظامي ۽ مالياتي لحاظ کان خودمختياري ڏني وئي آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته قومي ادارن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين، ادارن جي خلاف ب??ان بازي ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جا خيرخواه نه آهن.
ادارن جي خلاف هر سازش جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو، قومي ادارن جي وقار تي ڪو به حرف اچڻ نه ڏينداسين: عثمان بوزدار/ شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری