اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ ??شر??ات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سدائين چئلينجن کي قبول ڪيو، (ن) ليگ تڪ اين اي 75 جي 20 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر اليڪشن جي درخواست ڪئي، ري پولنگ جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندو ??يڪ?? اسان کي قبول ه??ند??، پي ٽي آءِ اها پارٽي آهي جنهن اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي تجويز ڏني، اليڪشن جي شفافيت تي مخالف ڌر جو ٻٽو معيار ڇو آهي. اها ڳالهه هن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات ۽ ??شر??ات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪڏهن ڪنهن دٻاءُ ۾ نه آيو، هن سدائين چئلينج قبول ڪيا آهن، وزيراعظم مسلم ليگ (ن) جو ڊسڪه جي 20 پولنگ اسٽيشنن ۾ ري پولنگ جو چئلينج به قبول ڪيو آهي، انشاءُ الله انهن کي وري شڪست کي منهن ڏيڻو پ??ند??. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) سدائين ڌانڌلي جي بنياد تي ملڪ ۾ سياست جي خريد ۽ وڪري جي روايت قائم ڪئي ۽ اڄ ڪاوڙيل آهي ڇو ته هو ان کي پنهنجو پئداشي حق سمجهندي آهي ته جيڪا اليڪشن هو کٽي اها ٺيڪ ۽ جيڪا هارائي اها غلط آهي. هن چيو ته اليڪشن جي شفافيت جي باري ۾ سندس ٻٽو معيار ڇو آهي. سينيٽ اليڪشن ۾ اوپن بيلٽنگ جي اهي مخالفت ڇو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جنهن اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي تجويز ڏني. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ ان جي اتحاد??ن سدائين خريد ۽ وڪرو ڪيو، اها انهن جي سڃاڻپ آهي، هنن ڪا اليڪشن مهذب طريقي سان ناهي وڙهي. وفاقي وزير چيو ته انهن ماڻهن سدائين اهڙيون روايتون قائم ڪيون جنهن تان اهي ٿورو به هٽي وڃن ته کين پنهنجي حيثيت جو پتو پئجي ويندو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ سدائ??ن سموريون شيون شفاف طريقي سان انجام ڏنيون پر انهن ماڻهن سدائين ڪوڙ تي ٻڌل ڳالهه ڪئي، هنن ماضي ۾ به ڪيلبري فونٽ جي ذريعي ڪوڙ ڳالهايو ته لنڊن ته ڇا پاڪستان ۾ به سندس ملڪيت نه آهي.
وزيراعظم عمران خان سدائين چئلينجن کي قبول ڪيو: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان