اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سياست ڪمزور دل ماڻهن جو ڪم نه آهي، مخالف ڌر ڪبوترن وانگر پنڃري ۾ بند ٿي چڪي آهي اه?? انهن جي سياست جا آخري ڏينهن آهن، سنڌ هائوس ۾ جهڙي طرح خچرن ۽ گهوڙن جي مينا بازار لڳي چڪي آهي اه?? قابل مذمت آهي، مدرسي جي ٻارن سان لانگ مارچ ۽ جلسا ناهن ٿيندا، مارچ ۽ جلسا رضاڪاراڻا هوندا آهن جهڙي طرح جا جلسا عمران خان ڪندو آهي ن ليگ جو اڳواڻ جاويد لطيف هارس ٽ??يڊ??گ جو اعتراف ڪري چڪو اليڪشن ڪميشن کي (ن) جي نظر لڳي چڪي آهي ان کي صرف پي ٽي آءِ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ پريڊ چوڪ جي جلسي جي مشاورت جي لاءِ گهرايل اه?? ترين اجلاس کانپوءِ وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گڏيل قومن پاران اسلامو فوبيا جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان قرارداد پاڪستان ۽ وزيراعظم عمران خان جي ڪوششن جو نتيجو آهي جنهن تي مسلمان امت ۽ پاڪستاني مسلمانن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ڊي چوڪ ۾ جلسي جي اعلان کانپوءِ مخالف ڌر جي صفن ۾ گهٻرائٽ شروع ٿي وئي آهي، گذر??ل ڏينهن سڀ پروگرام ان تي ٿي ويا ته ڇو چيو ويو ته 10 لک ماڻهن جي ميڙ مان گذري وڃڻو آهي ۽ پوءِ واپس اچڻو آهي. هن چيو ته مخالف ڌر ايتري ڪمزور دل هئي ته اه?? ڪم ئي نه ڪري ها، سياست ڪمزور دل ماڻهن جو ڪم نه آهي، وفاقي وزير چيو ته سنڌ هائوس ۾ جيڪو خچرن ۽ گهوڙن جي مينا بازار لڳل آهي ۽ خريداري لاءِ بيگ ڀري آندا ويا آهن اه?? قابل مذمت آهي، انشاءُ الله ان خريد ۽ وڪري جو ازالو به ڪنداسين ۽ ڪارروائي به. هن چيو ته اه?? به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته خچرن ۽ گهوڙن سان گڏ حفاظت لاءِ ماڻهو به آندا ويا آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي چوڻ چاهيان ٿو ته جاويد لطيف گذر??ل ڏينهن اعتراف ڪري ورتو آهي ته اسان هارس ٽ??يڊ??گ ڪري رهيا آهيون، وفاقي وزير چيو ته لڳي ٿو ته اليڪشن ڪميشن کي ن ليگ جي نظر لڳي وئي اه?? کيس ن ليگ نظر نٿي اچي ۽ هر طرف تحريڪ انصاف ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن چيو ته چوڌري پرويز الاهي جي بيان جي آجيان ڪريون ٿا ۽ ج??ڪي اسان جا اتحادي آهن انهن ۾ اسان جو اميدون آهن. چوڌري فواد حسين پريس ڪانفرنس دوران ڪبوترن جي پنڃري طرف اشارو ڪندي چيو ته مخالف ڌر ۽ انهن ڪبوترن ۾ هڪجهڙائي آهي ج??ڪي ڪبوترن وانگر بند ٿي چڪا آهن، مخالف ڌر جي سياست جا آخري ڏينهن آهن انهن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين، هن مخالف ڌر کي مشورو ڏنو ته مرد بڻجو ۽ عمران خان وانگر ڪو هڪ وڏو جلسو ئي ڪري ڏيکاريو، مدرسي جي ٻارن سان لانگ مارچ ۽ جلسا ناهن ٿيندا. وفاقي وزير چيو ته آزاد پرڏيهي پاليسي جي ڪري پاڪستان کي شناخت ملي آهي، انشاءُ الله ان کي برقرار رکنداسين ۽ پاڪستان کي اڳتي وٺي وينداسين.
سياست ڪمزور دل ماڻهن جو ڪم نه آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania