اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف جي اپيل تي عالمي تنظيمن ۽ مالي ادارن ??وڏ متاثرين جي لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ جي فوري امداد جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهبا?? شريف جي صدارت ۾ ??وڏ متاثرين جي مدد لاءِ عالمي حصيدارين سان اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۾ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي مالياتي ادارن، عالمي ڊيولپمينٽ، ڊونرز، چين، آمريڪا ۽ يورپي ملڪن، گڏيل قو??ن جي مختلف ذيلي ادارن ۽ صحت جي عالمي اداري جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم عالمي حصيدارن کي سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ??وڏ جي تباهين ب??بت آگاهه ڪيو. عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنحسين وزيراعظم کي ورلڊ بئنڪ پاران 350 ملين ڊالر جي فوري امداد ب??بت آگاهه ڪيو. هن خصوصي طور تي وزيراعظم جي فلڊ ريليف ڪيش پروگرام کي ساراهيو. ورلڊ بئنڪ اها امداد هلندڙ هفتي جي آخر تائين مڪمل طور تي فراهم ڪندي. ان کانسواءِ انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ پڻ نقصانن جي ڪاٿي کانپوءِ ٺوس منصوبابندي سان پاڪستان سان ورلڊ بئنڪ پاران تعاون ڪيو ويندو. گڏيل قو??ن جي ذيلي اداري ورلڊ فوڊ پروگرام ??وڏ متاثرين جي لاءِ 110 ملين ڊالر جي امداد جو اعلان ڪيو جڏهن ته ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ 20 ملين ڊالر ۽ يو ڪي ايڊ 1.5 ملين پائونڊ جي فوري امداد جو اعلان ڪيو. ان کانسواءِ يو ڪي ايڊ پاران ??وڏ متاثرين جي بحالي لاءِ وچولي ۽ ڊگهي مدي وارن منصوبن جي لاءِ 38 ملين پائونڊ جو پڻ اعلان ڪيو ويو. عالمي تنظي??ن جي نمائندن وزيراعظم شهبا?? شريف جي ??وڏ متاثرين جي فوري بحالي جي قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهبا?? شريف فلڊ ريليف ڪيش پروگرام تحت 25 هزار في خاندان امداد جي لاءِ عالمي ادارن پاران هن ئي هفتي امداد جي منتقلي يقيني بڻائي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته عالمي ادارن ۽ تنظي??ن جي مشڪل ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي مدد جي قدم جي آجيان ڪريون ٿا، حڪومت ??وڏ متاثرين جي فوري ريسڪيو ۽ بحالي جي لاءِ پنهنجي سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت مشڪل معاشي صورتحال ۾ هجڻ جي باوجود فلڊ ريليف ڪيش پروگرام شروع ڪيو آهي، حڪومت ترجيحي بنيادن تي ??وڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي لاءِ آپريشن ڪري رهي آهي، ريسڪيو کانپوءِ حڪومت ??وڏ متاثرين جي بحالي ۽ تباهه ٿيل بنيادي ڍانچي جي تعمير تي ڪم ڪندي.
وزيراعظم جي اپيل تي عالمي تنظيمن ۽ مالي ادارن پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ جي فوري امداد جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا