اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث بخش پاشا چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ عورتن جو قائداڻو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، ملڪي افرادي قوت ۾ عورت?? جي شموليت سان قومي معيشت ۾ 25 سيڪڙو جو ساليانو اضافو ٿي سگهي ٿو. بين الپارلياماني يونين ايشيا ??يسفڪ ريجن سيمينار جي پلينري سيشن کي خطاب ڪندي ناڻي واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث بخش پاشا چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ عورتن جو قائداڻو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، ملڪي افرادي قوت ۾ عورت?? جي شموليت سان قومي معيشت ۾ 25 سيڪڙو جو ساليانو اضافو ٿي سگهي ٿو ڇو ته اقتصادي ترقي ۽ واڌويجهه ۾ عورتن جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي. مملڪتي وزير چيو ته جڏهن ته صنفي برابري جي اشارن ۾ پاڪستا?? جي درجابندي گهٽ آهي جڏهن ته هاڻي بلندي طرف سفر شروع ٿيو آهي، پاڪستاني عورتون ??ختلف شعبن ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرائي رهيون آهن، پاڪستان ۾ عورتون انهن شعبن ۾ به داخل ٿي رهيون آه?? جيڪي ماضي ۾ مرد?? جي لاءِ مخصوص هئا، هاڻي عورتون ??ائليٽ، ماهر معاش??ات ۽ سياست جي ميدان ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته افرادي قوت ۾ عورت?? جي موثر شموليت جي لاءِ ضرور?? آهي ته انهن کي موقعا فراهم ڪيا ??ڇن ۽ موقعا قانوني رستو اختيار ڪرڻ سان فراهم ڪري سگهجن ٿا، پاڪستان سميت خطي جي ملڪن ۾ ان حوالي سان قانونسازي ٿي ره?? آهي، ان عمل ۾ اسان کي هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي.
ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ عورتن جو قائداڻو ڪردار اهميت رکندڙ آهي: عائشه غوث بخش پاشا
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔