اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي التوا هيٺ سمورن ترقياتي منصوبن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون فوري طور تي ختم ڪيون وڃن، سعودي قيادت پاران پاڪستان کي سدائين غيرمشروط حمايت ۽ مدد حاصل رهي آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. سعودي وفد جي قيادت سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي جنرل ڊائريڪٽر ايشيا ڊاڪٽر سعود اي الشمري ڪري رهيو هو. ان موقعي تي سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، وزي??اع??م جو صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين طارق فاطمي ۽ جهانزيب خان، پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير نواف سعيدالمالڪي ۽ ??اڳ??پيل آفيسر پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ وزي??اع??م سعودي عرب جي لاءِ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، وزي??اع??م جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين طارق فاطمي ۽ جهازيب خان تي ٻڌل خصوصي ٽاسڪ فورس کي هدايت ڪئي ته هو سعودي وفد جي پاڪستان ۾ قيام دوران ئي سمورين ڌرين سان گڏجي مسئلن جو حل ڪڍي. وزي??اع??م ??اڳ??پيل پاڪستاني عملدارن کي هدايت ڪئي ته سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي التوا هيٺ پيل سمورن ترقياتي منصوبن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون فوري طور تي ختم ڪيون وڃن. وزي??اع??م وفد جي آجيان ڪئي ۽ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته پاڪستان سعودي عرب جي ماڻهن جي لاءِ ٻئي گهر جهڙو آهي ۽ پاڪستاني به سعودي عرب کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ٿا. وزي??اع??م سعودي وفد کي پاڪستان ۾ شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏيندي چيو ته اسان جي حڪومت توانائي جي ان سستي ۽ صاف ذريعي کي فروغ ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿئي ۽ عوام کي سستي بجلي پڻ فراهم ڪري سگهجي. وزي??اع??م چيو ته سعودي عرب سدائين داخلي ۽ پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، سعودي قيادت پاران پاڪستان کي سدائين غيرمشروط حمايت ۽ مدد حاصل رهي آهي. وزي??اع??م چيو ته تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سعودي عرب پاڪستان جي هر قسم جي مدد ڪئي. هن ان سلسلي ۾ خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ وزي??اع??م ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جا خاص طور تي ٿورا مڃيا. وزي??اع??م چيو ته سعودي عرب گرانٽ ۽ قرضن جي فراهمي ۽ سيڙپڪاري جي صورت ۾ پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
وزيراعظم پاران سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي التوا هيٺ سمورن ترقياتي منصوبن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون فوري طور تي ختم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2