اسلام آباد – 24 – آڪ??وبر (اي پي پي) پاڪستان حوثين پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي جي مذمت ڪندي سعودي عرب سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان سعودي عرب جي خلاف ٿيندڙ دهشتگرد ڪاررواين جي مذمت ڪري ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي سان گڏوگڏ يمن ۾ پ??ام?? حل جي لاءِ سعودي عرب جي ڪو??شن جي ڀرپور حمايت کي ورجائي ٿو. پاڪستان يمن ۾ تڪرار جي سمورين ڌرين تي مسلسل زور ڏنو آهي ته اهي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڇڪتاڻ جي خاتمي جي لاءِ پ??ام?? ۽ بامعنيٰ ڳالهين ۾ حصو وٺن. ترجمان چيو ته هلندڙ سال جي شروع ۾ طئي ٿيندڙ جنگبندي جي نتيجي ۾ امن قائم ڪيو جنهن جو فائدو ٿيو جيتوڻيڪ اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته حوثين پاران جنگبندي جي تجديد نه ڪئي وئي، جيڪا يمن جي عام شهرين جي لاءِ مشڪلاتن ۾ اضافي جو سبب بڻجندو ۽ امڪاني طور تي پائيدار امن کي حاصل ڪرڻ جي سڀني ڪو??شن کي پٽڙي تان لاهي ڇڏيندو. ترجمان پنهنجي بيان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر حوثين تي زور ڏنو ته اهي عسڪري سرگرمين ۽ دهشتگرد ڪارروايون بند ڪن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي بنياد تي تڪرار ??ي ختم ڪرڻ جي لاءِ سنجيده ڳالهه ٻولهه ۾ شامل ٿي گڏيل قومن جي ثالثي ۾ ٿيندڙ جنگبندي جي تجديد ڪن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقي?? رکي ٿو ته جنگ جو ڪو به مقصد نه آهي ۽ سڀني مسئلن تي پ??ام?? ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو. ترجمان چيو ته ان رستي کي جلد اختيار ڪرڻ سان هزارين معصوم جانيون بچي وينديون ۽ يمني عوام جي مستقبل جي به حفاظت ٿيندي.
پاڪستان پاران حوثين پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی