اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شر??ف سان آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ملاقات ڪئي ۽ پاڪ فوج جي پيشيواراڻي ۽ قومي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد ??هباز شريف آرمي چيف جو عهدو سنڀالڻ تي کيس مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آرمي چ??ف سان ڳالهائيندي چيو ته توهان جي آرمي چيف بڻجڻ تي قوم خوش آهي، عوام ۽ فوج جي وچ ۾ اعتماد ۽ محبت جا رشتا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته توهان جهڙي قابل آفيسر جي قيادت اداري جي پيشيواراڻي ترقي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ اهم ثابت ٿيندي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. آرمي چيف جو عهدو سنڀالڻ کانپ??ءِ جنرل سيد عاصم منير جي وزيراعظم اها پهرين ملاقات هئي.
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável