اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري ??حمان چيو آهي ته جنيوا ۾ ٿيندڙ اعليٰ سطحي ڪانفرنس ۾ شرڪت جو مقصد ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي سلسلي ۾ پا??ستان جي عوام ۽ حڪومت جي لاءِ عالمي حمايت حاصل ڪرڻ آهي، ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پائيدار حڪمت عملي سميت فوري ??ور تي فنڊز سميت وسيلن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن پا??ستان هيومنٽيرين فورم (پي ا??ڇ ايف) جي پينل تي عالمي غيرسرڪاري ??نظيمن (آءِ اين جي ا??ز) جي ڪنٽري ڊائريڪٽرز جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو جنهن ۾ ايندڙ 9 جنوري ??ي جنيوا ۾ عالمي ڪانفرنس جي لاءِ مشاورت ڪئي وئي. حڪومت ٽي ڪروڙ 30 لک ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي ۽ متاثر ماڻهن جو اهو تمام وڏو انگ آهي. ٻوڏ جي ڪري ا??فرا??ٽر??چر جي نئين سر تعمير جي لاءِ اسان جي سورنهن ارب آمريڪي ڊالر جي فراهمي لازمي آهي ڇو ته نئين سر تعمير جو عمل مڪمل ٿيڻ هڪ ٻي موسم اسان کي متاثر ڪري ??گهي ٿي. وفاقي وزير چيو ته پا??ستان ڪانفرنس ۾ريزيليئنٽ ريڪوري، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (آر ايف 4) پيش ڪندو، جنهن ۾ ٻوڏ کانپوءِ جي بحالي، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي منصوبن ۽ انتظام شامل آهن. ڪانفرنس جي گڏيل صدارت وزيراعظم پا??ستان ميان محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري ??نرل انتونيو گوتيرس ڪندا. اسان پنهنجي عالمي حصيدارن جي حمايت ۽ تعاون جا ٿورائتا آهيون ۽ اسان پا??ستان ۾ رونما ٿيندڙ ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس طريقن ۽ ذريعن جي ڳولا جا منتظر آهيون جنهن ۾ صوبائي موقف جو اظهار پڻ شامل آهي. وفاقي وزير پا??ستان ۾ آءِ اين جي ا??ز پاران ڪئي ويندڙ انساني ا??دادي ڪوششن کي ساراهيو، خاص طور تي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ جنهن 33 ملين ماڻهن کي متاثر ڪيو. پي ا??ڇ ايف جي ميمبر آءِ اين جي ا??ز ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 150 ملين آمريڪي ڊالر جمع ڪيا آهن. ماحولياتي تبديلي واري وزارت ۽ آءِ اين جي ا??ز کي هيٺئين سطح تي ماحولياتي تبديلين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ تعاون ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ??ه آءِ اين جي ا??ز کي مستقبل جي لاءِ پنهنجي تزويراتي موقف ۾ ماحولياتي تبديلين جي اثرن کي به شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته ان حوالي سان حصيدارن جون تجويزون به معنيٰ خيز ثابت ٿينديون. وفد ۾ پا??ستان هيومنٽيرين فورم، انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي، آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ، مرسي ڪور، مسلم ايڊ، مسلم هينڊز، ويلٿنگر هيلپ ۽ آڪسفيم جي ڪنٽري ڊائريڪٽر شرڪت ڪئي.
جنيوا ۾ ٿيندڙ اعليٰ سطحي ڪانفرنس ۾ شرڪت جو مقصد عالمي حمايت حاصل ڪرڻ آهي: شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania