اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير رينا ڪيونڪا پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي سفير ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفن ۽ گهڻ رخي شعبن ?? تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چ??و ته جي ايس پي پلس سميت اقتصادي شعبي ?? تعاون پاڪستان ۽ يورپي يونين ٻنهي جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو رهندو.
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل