اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي پهرين ميوزڪ پالي??ي جو ڊرافٽ تيار ڪيو ويو آهي، ميوزڪ پالي??ي جي ذريعي ڪيترين ئي م??اعتن ۽ سهولتن سان ??يوزڪ انڊسٽري کي نئين زندگي ملندي، پائريسي ۽ ڪاپي رائيٽس سميت ميوزڪ انڊسٽري کي درپيش مسئلا حل ٿيندا، موسيقي پاڪستان جو ڀرپور ۽ تاريخي ورثو آهي جيڪو صوفي شاعرن جي شاعري، قديم ۽ جديد موسيقي جو نادر مجموعو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته پبلڪ پرفارمنس، پروڊڪشن، ڊسٽري بيوشن، ايڊيپٽيشن، ڊيوريشن، مڪينيڪل ۽ ڪميونيڪشن رائيٽس کي قانوني ڍانچي ۾ آندو پيو وڃي، انهن قدمن ۾ يوزرز اينڊ لائنسز جو مسئلو پڻ حل ٿي ويندو جنهن سان ??يوزڪ انڊسٽري کي فروغ ملندو. هن چيو ته موناپلائيزيشن جي خاتمي س??ن گڏوگڏ ميوزڪ ورڪرز جي بنيادي قانوني حقن جو تحفظ ٿيندو، ڪاپي رائيٽ سميت ميوزڪ اسٽيڪ هولڊرز کي درپيش مسئلا حل ٿيندا. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته ميوزڪ جي تياري، ڳائيندڙن، لکندڙن ۽ ڌُن ٺاهيندڙن جي قانوني حقن جو تحفظ يقيني ٿيندو. جڏهن ته ميوزڪ جي وڪري، ان جي نقل ۽ موسيقي چورائڻ بابت پراڻا مسئلا حل ٿيندا. هن چيو ته ميوزڪ پاليسي پاڙيسري ملڪن ۾ لاڳو قانونن ۽ عالمي م??يار موجب تياري ڪئي وئي آهي، پراڻي ميوزڪ کي م??فوظ ڪرڻ جي لاءِ خصوصي قدم پڻ پاليسي ۾ شامل آهن. هن چيو ته مقامي ۽ فوڪ موسيقي، علائقائي زبانن ۾ موسيقي جي لاءِ پڻ قدم پالي??ي جو حصو آهن. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته گلوڪارن، لوڪ فنڪارن ۽ مقامي ۽ علائقائي موسيقي کي فروغ ڏينداسين، ان ??الي??ي جي ذريعي پاڪستان جي موسيقي جي عظيم ورثي جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. هن چيو ته موسيقي پاڪستان جو ڀرپور ۽ تاريخي ورثو آهي جيڪو صوفين جي شاعري، قديم ۽ جديد موسيقي جو نادر مجموعو آهي. هن چيو ته موسيقي پاڪستاني م??اشري جي روح چئي سگهجي ٿي، اها قومي، تهذيبي ۽ ثقافتي سڃاڻپ نسل درنسل منتقل ٿيندي پئي اچي. هن چيو ته 1970ع کانپوءِ کان ??يستائين ميوزڪ جي شعبي ۾ قانوني، انتظامي يا پاليسي ليول جي ڪا تبديلي ناهي ٿي. هن جو چوڻ هو ته ڪاپي رائيٽ جي اهميت کان عوام کي آگاهه ڪيو ويندو ته جيئن معياري ميوزڪ ٺهي ۽ عوام تائين پهچي، حقوق ملڪيت دانش، ميوزڪ جي چوري سان ??اڪستان ۽ ميوزڪ انڊسٽري ٻنهي کي نقصان ??ي رهيو آهي.
پاڪستان جي پهرين ميوزڪ پاليسي جو ڊرافٽ تيار ڪيو ويو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار