گڏيل قومون – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمي برادري تي زور ڏن?? آهي اها ايس ڊي جيز سمٽ ۽ خاص طور تي ايس ڊي جيز جي حوالي سان ڪيل سمورن واعدن تي ??مل??رآمد ڪري. ”ترقي جي لاءِ مالي مدد“ بابت اعليٰ سطحي مڪالمي دوران نگران و??ير??عظم چيو ته ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ وڏي مالياتي فرق کي ڏسندي انهن کي پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) حاصل ڪرڻ جي لاءِ نجي سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. نگران و??ير??عظم ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته گڏيل قومن ??ي نظام کي اسرندڙ ملڪن ۾ پبلڪ پرائيويٽ سيڙپڪاري جي امڪانن جي سببن کي حل ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ سيڙپڪاري جا منصوبا، سرمائي جي وڌيڪ لاڳت، ريگيوليٽري فريم ورڪ ۽ ايس ڊي جيز بابت بئنڪنگ منصوبا شامل آهن. هن اسرندڙ ملڪن کي ايس ڊي جيز جا منصوبا حاصل ڪرڻ ۽ انهن تي ??مل??رآمد ۾ مدد جي لاءِ گڏيل قومن جي سمورين آفيسن ۽ ايجنسين جي استعمال تي پڻ زور ڏن??. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن کي به ايس ڊي جيز حاصل ڪرڻ جي لاءِ نجي سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. نگران و??ير??عظم سمورين ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۽ اسرندڙ ملڪن کي پنهنجي قومي منصوبن کي تيزڪرڻ جي قابل بڻائڻ تي زور ڏن??.
عالمي برادري ايس ڊي جيز جي حوالي سان ڪيل سمورن واعدن تي عملدرآمد ڪري: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ