رسالپور – 21 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ??اڪستان امن پسند ملڪ آهي ۽ سڀني ملڪن خاص طور تي پنهنجي پاڙيسرين سان دوستاڻي لاڳاپن جو خواهشمند آهي، پاڪستان جي هٿياربند فوج اندروني ۽ ٻاهرئين چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. هو پي اي ايف اڪيڊمي اصغر خان ۾ پاڪستان ايئر فورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪري رهيو هو. نگران وزيراعظم پاس ٿيندڙ ڪيڊٽس کي بيج لڳايا. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪاليجز آف فلائنگ ٽريننگ ۽ ايروناٽيڪل انجنيئرنگ جي ڪمبائنڊ ڪورسز مان گريجوئيٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اڄ کان پاڪ فضائيه جي ??فيسرن طور توهان جي ڪيريئر جي ??روعات ٿي رهي آهي. توهان ايئر فورس اڪيڊمي مان بهترين تربيت حاصل ڪئي آهي ۽ مون کي پورو يقين آهي ته ??نهنجي ??ربيت جي ??نياد تي پوري محنت ۽ عزم سان مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيندا. هن چيو ته گريجوئيٽ پريڊ ج?? معائنو ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي. هن پاس آئوٽ ٿيندڙ گريجوئيٽس کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اهي پاڪ فضائيه جي ??اندار روايتن جا امين آهن. هن چيو ته اسان تيزي سان تبديل ٿيندڙ عالمي ۽ علائقائي تجزويراتي تبديلين جي چئلينجن جي ??ور ۾ رهي رهيا آهيون جنهن جا اثر علائقي ۽ ان سان گڏوگڏ پاڪستان تي به پئجي ??هيا آهن. اسپيس نيٽ ورڪ، اليڪٽرانڪ وار فيئر، سائبر اسپيس، نينو ٽيڪنالاجي، ارٽيفيشل انٽيليجنس جي ڪري قومي سلامتي ۽ دفاع جي ??وايتي تصورن ۾ تمام گهڻي تبديلي رونما ٿي آهي. هن پاڪستان جي ??ن عزم کي ورجايو ته ??و هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل نه آهي، تنهن هوندي به ڪنهن به جارحيت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيزي سان تبديل ٿيندڙ ٽيڪنالاجي ??ي دور جي ??رورتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي ??لاحيتن ۾ اضافو ڪندا رهندا. هن چيو ته ??ون کي خوشي آهي ته ??اڪ فضائيه تازو ئي ايرو اسپيس ۽ سائبر ڊومين ۾ ماڊرن نان ڪنٽيڪٽ وار فيئر ۾ نمايان ترقي ڪئي آهي. هن چيو ته ??اڪ فضائيه مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ ۽ بلندين تائين پهچندي. هن چيو ته اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته ??اڪستان جي فوج پيشيواراڻي لحاظ کان باصلاحيت آهي ۽ اندروني ۽ ٻاهرئين چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بهتر تربيت رکندڙ آهي. هٿياربند فوج جي قومي دفاع ۽ قومي نئين سر تعمير ۾ ڪردار کي پوري قوم انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. پاڪستان جي ??هادر هٿياربند فوج آزمائش جي وقت سدائين وڏي حوصلي جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ مون کي اميد آهي ته اها مستقبل ۾ به پاڪستان جو جهنڊو اونچو رکندي. نگران وزيراعظم چيو ته ??اڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ سڀني ملڪن خاص طور تي پنهنجي پاڙيسرين سان دوستاڻي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. جيتوڻيڪ امن جي ??واهش کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. هن واضح ڪيو ته ڪشمير تڪرار جي ??ل کانسواءِ امن ممڪن نه آهي. اسان ڀارت جي ??يرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران وڏي پئماني تي انساني حقن جي پائمالين جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ??ڪ قوم جي ??يثيت سان اسان پنهنجي ماضي ۾ چئلينجن کي منهن ڏنو آهي ۽ اهڙي طرح مستقبل جي چئلينجن کي به منهن ڏينداسين، اميد آهي ته اسان سڀ گڏجي پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحال ملڪ بڻائينداسين.
پاڪستان امن پسند ملڪ آهي ۽ سڀني ملڪن خاص طور تي پنهنجي پاڙيسرين سان دوستاڻي لاڳاپن جو خواهشمند آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena