اسلام آباد- 15 ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽ?? ڪي – اليڪٽرڪ ۽ حڪومت پاڪستان جي ادارن وچ ۾ ٽي ڊي اي، آءِ سي اي، پي ٽي اي اي ۽ ثالثي جي معاهدن تي صحيح ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي جو اجلاس ناڻي بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن شاهد اشرف تارڙ، فواد حسن فواد، محمد علي، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر وقار مسعود، وفاقي سيڪريٽرين ۽ لا??اپيل وزارتن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ سان ٽي ڊي اي، آءِ سي اي، پي ٽي اي اي ۽ ثالثي جي معاهدن جي مسودي جي منظوري بابت سمري پيش ڪئي وئي. توانائي واري وزارت جي عملدارن ڪميٽي کي اي سي سي جي ميمبرن جي مشاهدن تي بريفنگ ڏني ۽ سي پي پي اي جي بابت اضافي ڄاڻ ڏني. تفصيلي بحث ۽ غور کانپوءِ ڪميٽ?? ڪي اليڪٽرڪ ۽ حڪومت پاڪستان جي ادارن وچ ۾ ٽي ڊي اي، آءِ سي اي، پي ٽي اي اي ۽ ثالثي جي معاهدن تي صحيح ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪميٽي پاور ڊويزن ک?? ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي جي پيداواري صلاحيت ۾ اضافي بابت منصوبي جي باري ۾ ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي کي آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي چيو ته منصوبي ۾ بجلي جي قيمت کي گهٽ ڪرڻ ۽ سبسڊيز ??ي توجه ڏني وڃي.
ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي ڪي – اليڪٽرڪ ۽ حڪومت پاڪستان جي ادارن وچ ۾ ٽي ڊي اي، آءِ سي اي، پي ٽي اي اي ۽ ثالثي جي معاهدن تي صحيح ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : loteria estadual