اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ايران جي شهر ڪرمان ۾ دهشتگرد حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي عالمي امن جي لاءِ خطرو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير پاڪستان حڪو??ت ۽ پاڪستان جي عوام پاران ايران ج?? حڪو??ت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي ان بزدلاڻي فعل جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، پاڪستان سميت خطي جا اڪثر ملڪ دهشتگردي جو شڪار آهن، اسان دهشتگردي جي نتيجي ۾ ان ڏک کي سمجهي سگهون ٿا. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ايران?? حڪو??ت ۽ ايران جي عوام سان گڏ بيٺل آهيون، اسان جون دعائون ايران ج?? حڪو??ت ۽ عوام سان گڏ آهن. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير متاثرين سان تع??يت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاران ايران جي شهر ڪرمان ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania