گڏيل قومون-05 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ??سلامي ملڪن جي نمائندگي ڪندي فلسطين جي صورتحال تي ??ين الاقوامي امن ڪانفرنس گُهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جنهن جو مقصد ٻه رياستي ??ل جي دائره ڪار ۾ فلسطينين جي اڻمٽ حقِ خوداراديت جي بحالي بابت گڏيل قومن جي قراردادن تي ??ملدرآمد ڪرائڻ آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان ??ي مستقل نمائندي منير اڪرم غزه ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي فوري جنگبنديءَ جي مطالبي تي ٻَڌل سلامتي ڪائونسل جي 20 فيبروريءَ جي قرارداد تي ??مريڪي ويٽو کانپوءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته عالمي برادريءَ کي غزه تي ??سرائيلي اڳرائيءَ کي فوري روڪڻ لاءِ پنهنجي ذميواري نڀائڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي آمريڪا طرفان قرارداد کي ويٽو ڪرڻ تي ??فسوس ۽ غزه خلاف اسرائيلي اڳرائيءَ جي خاتمي ۾ عالمي برادريءَ جي ناڪاميءَ تي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو، جنهن ۾ 30 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ گهڻو انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي. منير اڪرم گڏيل قومن ۾ او آءِ سي گروپ جي وقتي چيئرمين جي حيثيت سان 193 رڪني جنرل اسيمبليءَ کي خطاب ڪندي چيو ته گذريل 5 مهينن دوران ??زه ۽ فلسطين جي ٻين هنڌن تي ??سرائيلي اڳرائيءَ کانپوءِ سڄي دنيا ۾ وڌندڙ مايوسي ۽ ڪاوڙ سان ??زه ۾ فلسطيني عوام تي مڙهيل تاريخي ۽ نه ختم ٿيندڙ ظلمن کي ڏسي رهي آهي. غزه ۾ اسرائيلي حملن سبب وڏي پيماني تي ??نگ ۾ انساني جانيون ضايع ٿيون آهن ۽ گهرن، اسڪولن، اسپتالن ۽ مذهبي ماڳن کي تباهه ڪيو ويو. هن غزه ۾ ناڪافي خوراڪ جي فراهمي ۽ ضروري خدمتن سبب غزه ۾ وڏي انگ تي ??ذائي کوٽ جي وڌندڙ خطري کان ??بردار ڪندي غزه ۾ انساني امداد جي فراهميءَ لاءِ جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي. هن فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري يو اين اي آر ڊبليو اي کي ختم ڪرڻ ۽ عطيو ڏيندڙن طرفان ??داري جي فنڊنگ روڪڻ جي اسرائيلي مطالبي جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته گڏيل قومن اندر مختلف ڌُرين سان گڏوگڏ عالمي برادريءَ جي ميمبرن طرفان ??ڳواٽ ڪوششن باوجود اڳتي ??ه وڏن خطرن جا اشارا موجود آهن. ان ??لسلي ۾ هن چيو ته غزه ۾ وڏي پيماني تي ڏُڪار جو خطرو آهي، جنهن سان والاريل فلسطيني علائقي ۾ فلسطينين جي تمام وڏي انگ لاءِ خوراڪ جي ناڪافي فراهمي ۽ ضروري خدمتون آهن. منير اڪرم چيو ته دنيا کي فلسطيني عوام جي حق خوداراديت واري حق جي حاصلات ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ عرب امن قدمن مطابق 1967ع جي سرحدن تي ٻَڌل ان ??ي سرزمين تي پنهنجي آزاد ۽ خودمختار رياست قائم ڪرڻ جي حمايت ڪرڻ گهرجي، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ بيت المقدس هجي.
پاڪستان پاران فلسطينين جي حقن جي تحفظ ۽ غزه جنگ جي خامتي لاءِ بين الاقوامي امن ڪانفرنس گُهرائڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ