شينزن – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ??اح??لياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيداريت جي ل??ءِ عالمي ڪوششن ۾ تعاون جي ل??ءِ پرعزم آهي، ٻيلن کي باهه لڳڻ کان وٺي ٻوڏ ۽ تيزي سان ڳرندڙ گليشيئرز سميت پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جا منفي اثر درپيش آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ??اح??ليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت زمين جي حفاظت ۽ موسمياتي تبديلي، حياتياتي واڌويجهه جي نقصان ۽ آلودگي کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ عالمي برادري سان گڏيل ذميواري کي تسليم ڪري ٿو، موسمياتي تبديلي جي ڪا سرحد ناهي هوندي، ٻيلن جي باهه کان وٺي ٻوڏ ۽ تيزي سان پگهڙجندڙ گليشيئرز سميت پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جا منفي اثر درپيش آهن. هن چيو ته هلندڙ سال جي ??اح??ليات جي عالمي ڏينهن جو موضوع ”زمين جي بحالي، برپٽ ۾ واڌ جي مسئلي ۽ سوڪهڙي کي منهن ڏيڻ“ آهي ۽ هي ڏينهن اسان کي ان وڏي چئلينج جي ياد ڏياري ٿو جيڪو اربين هيڪٽر زمين جي حوالي سان درپيش آهي جنهن سان دنيا جي اٽڪل اڌ آبادي متاثر ٿي رهي آهي ۽ ع??لمي جي ڊي پي جو اڌ خطري ۾ ورتل آهي، ڳوٺاڻا ع??ائقا، ننڍا آبادگار ۽ انتهائي غريب ماڻهو سڀ کان وڌيڪ متاثر آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??اح??لياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيداريت جي ل??ءِ عالمي ڪوششن ۾ تعاون جي ل??ءِ پرعزم آهي، گرين پاڪستان پروگرام، ليونگ انڊس انيشي ايٽو، نيشنل ايڊاپٽيشن پلان جهڙن قدمن، ٻيلن جي واڍيءَ، حياتياتي واڌويجهه جي نقصان جي مسئلن کي منهن ڏيڻ ۽ ??اح??لياتي نظام جي بحالي جي ل??ءِ اسان جي عزم کي واضح ڪن ٿا. هن چيو ته ڪوپ – 27 دوران پاڪستان جي موسمياتي سفارتڪاري جي ڪوششن خاص طور تي نقصان ۽ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ کي وڏي پئماني تي تسليم ڪيو ويو ۽ ع??لمي ماهرن ان کي مثبت قرار ڏنو. هن چيو ته ملڪ جي اندر پاڪستان جي آءِ زيڊ، پاٿ ويز 2050 پليٽ فارم، يو اين ڊي پي ۽ ع??لمي بئنڪ جي مدد سان پائيدار ڊگهي مدي واري گهٽ ڪاربن ترقياتي حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي ل??ءِ سرگرم آهي. ان سان گڏوگڏ وڻڪاري جي مضبوط پروگرامن تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، ريچارج پاڪستان، جي ايل او ايف ۽ پائيدار لينڊ مئنيجمينٽ پروگرام (ايس ايل ايم پي) جهڙا قدم پائيدار زرعي طريقن کي فروغ ڏيڻ ۽ زمين جي ڪٽاءُ جي روڪٿام جي حوالي سان پاڪستان جي عزم کي ظاهر ڪن ٿا، زميني ڏڪ??ر، ريگستان جي ڦهلاءُ ۽ پاڻي جي کوٽ جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي باوجود پاڪستان جديد طريقن ۽ گڏيل حصيداري جي ذريعي انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ ثابت قدم آهي. وزيراعظم چيو ته ??اح??ليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان کي پنهنجي زمينن کي بحال ڪرڻ، سوڪهڙي سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ برپٽ ۾ واڌ کي روڪڻ جي ل??ءِ عالمي تحريڪ جو حصو بڻجڻ گهرجي ۽ سڀني جي بهتر مستقبل کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيداريت جي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ تعاون جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ