اسلام آباد-29 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار بري امام جي عرس جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي غير معمو??ي ڪرڻ ج?? هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي مختلف علائقن ۽ ??ڄي دنيا مان عرس جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ پانڌيئڙن کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ حضرت بري امام ڪامپليڪس جي ترقي ۽ انتظامن بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن، گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد، سي ڊي اي چيئرمين، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد، اڳوڻي ايم اين اي حنيف عباسي، جنرل (ر) افضل جنجوعه، راجا سرفراز اڪرم، سهيل اقبال ڀٽي، گو??ر زاهد ملڪ، انعام رباني، محسن رضا نقوي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ حضرت بري امام رحه جي سالياني عرس مبارڪ جي حوالي سان انتظامن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم هدايت ڪئي ته عرس جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي غير معمو??ي ڪيا وڃن. هن عرس ۾ شرڪت ڪندڙ عورت پانڌيئڙن لاءِ مزار حضرت بري امام رحه ڪامپليڪس ۾ خاص انتظامن کي يقيني بڻائڻ ج?? هدايت به ڪئي ۽ چيو ته تقريبن جي دوران پانڌيئڙن کي ڪنهن به قسم جي ڪا به تڪليف نه اچڻ گهرجي. اجلاس ۾ عرس جي انتظامن جي سلسلي ۾ خصوصي ڪميٽي به قائم ڪئي وئي جنهن ۾ چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر سميت ٻيا عملدار شامل هوندا.
نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ حضرت بري امام ڪامپليڪس جي ترقي ۽ انتظام واري ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب