اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ منعقد اجلاس ۾ ٽوڙيل اداري پي ڊبليو ڊي جي انتظام هيٺ جاري ترقياتي منصوبن کي صوبن کي منتقل ڪرڻ جي عمل ۾ تيزي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ منصوبا بندي واري سيڪريٽري ۽ مختلف صوبن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پي ايس ڊي پي منصوبن کي جلد کان جل?? صوبائي حڪومت کي منتقل ڪ??و ويندو ته جيئن انهن منصوبن تي ڪم بنا ڪنهن رڪاوٽ جاري رهي سگهي. احسن اقبال چيو ته صرف منصوبن کي منتقل ڪ??و پيو وڃي ۽ انهن منصوبن کي پي ايس ڊي پي تحت ڏني ويندڙ فنڊنگ جاري رهندي. هن سمورن صوبن کي هدايت ڪئي ته هو منتقل ڪ??ل جاري منصوبن جي وزارتن جي نالي سان هفتي اندر آگاهه ڪن. وفاق ۾ جاري پي ڊبليو ڊي جي منصوبن کي به سي ڊي اي ۽ لاڳاپيل وزارتن کي منتقل ڪ??و ويندو. هن واضح ڪيو ته پي ڊبليو ڊي جي انتظام هيٺ جاري منصوبا ختم نه پيا ڪيا وڃن پر انهن کي صرف مختلف ادارن ڏانهن منتقل ڪ??و پيو وڃي. احسن اقبال چيو ته بلوچستان ان حوالي سان سڀ کان پهرين پنهنجو ڪم مڪمل ڪ??و آهي ۽ باقي صوبن کي به هفتي اندر مڪمل ڄاڻ فراهم ڪرڻي آهي. هن چيو ته ان ڪميٽيءَ جو مقصد اهوئي هو ته جيڪي ڏُکي??ئي??ن درپيش آهن انهن کي قانون مطابق حل ڪ??و وڃي. صوبن کي جلد کان جلد منتقل ڪرڻ لاءِ انهن کي ضلعن جي لحاظ سان وِرهايو ويندو ۽ هر ضلعي ۾ ڊي سي کي فوڪل پرسن بڻايو ويندو جيڪو پي ڊبليو ڊي ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي سمورن معا??دن کي رينڊم 4 کان 5 ڏينهن ۾ مڪمل ڪ??دو. ٺيڪيدارن کان اين او سي ورتي ويندي ته کين اسپانسر ايجنسي جي تبديلي تي ڪو اعتراض ناهي. ان فيصلي سان اميد آهي ته ترقياتي منصوبا وقت سر مڪمل ٿيندا ۽ عوام کي فائدو پهچندو.
وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس، پي ڊبليو ڊي جا منصوبا صوبن کي منتقل ڪرڻ جي عمل ۾ تيزي آڻڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ