اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق فلسطين، ي??ن ۽ لبنان تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪندي گڏيل قومن کان ان جو سخت نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي. ڪالهه پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن اسرائيل هٿان لبنان جي معصوم شهرين جي قتلِ عام تي گهري ڏُک، افسوس ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اسپيڪر چيو ته پاڪستاني عوام جي دل فلسطين ۽ لبنان جي عوام سان گڏ ڌڙڪي ٿي، مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي پارليامينٽ، فلسطين ۽ لبنان جي عوام سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪري ٿي. هن چ??و ته اسرائيل جا فلسطين ۽ يمن کانپوءِ لبنان تي جاري فضائي حملا ??طي ۾ جنگي جنون جو چِٽو ثبوت آهن. اسرائيل جو جارحاڻو رويو نه صرف ??طي پر پوري دنيا لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي. هن چ??و ته اسرائيل جي جنگي جنون ??طي جي امن کي وڌيڪ خطري ۾ وِجهي ڇڏيو آهي، فلسطين ۾ 42 هزار معصوم شهرين جي قتلِ عام باوجود اسرائيل جو جنگي جنون مڪمل ناهي ٿيو. اسرائيل جا هٿ فلسطين ۽ لبنان جي معصوم ٻارن ۽ بزرگن جي رت سان رڱيل آهن. هن چ??و ته اسرائيل فلسطين کان پوءِ ي??ن ۽ لبنان تي حملا ڪري دنيا جي امن کي چئلينج ڪيو آهي، اسرائيل جو جنگبندي کان اِنڪار ??طي کي جنگ جي ڌُٻڻ ۾ وِجهڻ جو چِٽو ثبوت آهي. اسپيڪر چيو ته اسرائيل جي ناپ??ڪ مقصدن سان وچ اوڀر جي امن کي شديد خطرا درپيش آهن. نيتين ياهو جون گڏيل قومن جي فورم تي بيهي دنيا کي ڌمڪيون ڏيڻ ڳڻتي ۽ مذمت جوڳيون آهن. هن چ??و ته مسلمان اُمت کي فلسطين، ي??ن ۽ لبنان تي اسرائيلي حملن خلاف پنهنجي خاموشي ٽوڙڻي پوندي. مسلمان اُمت کي اسرائيلي جارحيت خلاف آواز اُٿارڻو پوندو. اسرائيل جي ناپاڪ اِرادن کي نه روڪيو ويو ته اها جنگ پوري ??طي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگهي ٿي.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران فلسطين، يمن ۽ لبنان تي اسرائيلي حملن جي مذمت
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil