اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شنگهائي ت??او?? تنظيم جي ميمبر ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان تنظيم جي ٻين ميمبر ملڪن ۽ خطي جي وسيع تر مفاد تحت تنظيم جي ترقياتي ترجيحن جي فروغ جي لاءِ سچي دل سان ڪم ڪندو رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان شنگهائي ت??او?? تنظيم جي سيڪريٽري جنرل زانگ منگ وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. زانگ منگ شنگهائي ت??او?? تنظيم جي حڪومتي سربراهن (سي ايڇ جي) جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آباد آيل هو. شنگهائي ت??او?? تنظيم جي سيڪريٽري جنرل جي جولاءِ 2022ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو ذڪر ڪندي وزيراعظم اسلام آباد ۾ سندس آجيان ڪئي ۽ شنگهائي ت??او?? تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ اجلاس جي انعقاد ۾ شنگهائي ت??او?? تنظيم سيڪريٽريٽ پاران پاڪستان کي فراهم ??يل ت??او?? تي سندس ٿورا مڃيا. شنگهائي ت??او?? تنظيم جي چارٽر تي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي خاطري ڪرائي ته شنگهائي ت??او?? تنظيم جي ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ميمبر ملڪن ۽ خطي جي وسيع تر مفاد جي لاءِ تنظيم جي ترقياتي ترجيحن جي فروغ جي لاءِ دل سان ڪم ڪندو رهندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ايس سي او ميمبر ملڪن سان گڏ تنظيم کي وڌيڪ موثر ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. وزيراعظم ايس سي او جي عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان زانگ منگ جي محنت ۽ شاندار خدمتن تي سندس ٿورا مڃيا ۽ سندس مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. زانگ منگ وزيراعظم کي شنگهائي ت??او?? تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ اجلاس جي ڪامياب انعقاد ۽ ان جي مثبت نتيجن تي مبارڪباد ڏني. هن ايس سي او جي سڀني شعبن ۾ پاڪستان جي تعميري حصيداري کي ساراهيو ۽ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ چيئر طور پاڪستان جي قائداڻي ڪردار تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان تنظيم جي ترقياتي ترجيحن جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪندو رهندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania