برسلز – 28 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ بيلجيئم جي شهر برسلز ۾ منعقد ”ٻه رياستي حل لاڳو ڪرڻ جي لاءِ عا??مي اتحاد“ جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب عا??مي اتحاد جو پهريون اجلاس گذريل سال سعودي عرب جي شهر رياض ۾ منعقد ٿيو هو. عا??مي اتحاد جي شروعات گذريل سال رابطن کي فر??غ ڏيڻ ۽ وچ اوڀر ۾ هڪ م??صفاڻي ۽ پائيدار امن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اسرائيلي قبضي جو خاتمو ۽ فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ پڻ شامل آهي. پرڏيهي سيڪريٽري فورم کي خطاب ڪندي غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪيو ۽ فلسطين مسئلي جي حل لاءِ هڪ جامع موقف، فلسطين جي هڪ خودمختيار رياست قائم ڪرڻ جيڪا 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هجي ۽ القدس الشريف ان جي گادي وارو شهر هجي ۽ ??ڏي?? قومن ۾ فلسطين جي مڪمل ميمبرشپ سان گڏوگڏ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ عا??مي برادري جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ جي برسلز ۾ منعقد ”ٻه رياستي حل لاڳو ڪرڻ جي لاءِ عالمي اتحاد“ جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں