اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري عمران احم?? صديقي گڏيل قومن جي 10هين الائنس آف سولائزيشنز (يو اين اي او سي) گلوبل فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب يو اين اي او سي جي اعليٰ سطحي گروپ آف فرينڊز جي و??ارتي ميٽنگ ۽ مذهبي جاين جي حفاظت تي عالمي ڪانفرنس ڪاسڪيس پرتگال ۾ منعقد ٿي. ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ وفد ۾ پرتگال ۾ پاڪستان جو سفير خالد اعجاز پڻ شامل هو. عمران احم?? صديقي ان موقعي تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ مسجدن تي ڄاڻي و??ڻي حملن، جيڪي اڪثر ڇوٽ ۽ رياستي اجازت سان ڪيا وڃن ٿا، ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن يو اين اي او سي تي زور ڏنو ته اها تباهي جي خطري ۾ ورتل مسجدن ۽ ٻين اسلامي مذهبي ۽ ثقافتي و??ثو رکندڙ جاين جي تحفظ کي ترجيح ڏي.
ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري عمران احمد صديقي يو اين اي او سي جي گلوبل فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará