بيجنگ- 18 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وف??قي وزير پروفيسر احسن اقبال وفد سان گڏ بيجنگ ۾ آءِ سافٽ اسٽون انفارميشن ٽيڪنالاجي پارڪ جو دورو ڪ??و. ان موقعي تي پاڪستاني وفد جي آجيان آءِ سافٽ اسٽون جي عالمي ڪاروبار جي نائب صدر مسٽرين لو ۽ انٽيليجنٽ اليڪٽرانڪ جي نائب صدر مسٽر لي چوان ڪيو. وف??قي وزير احسن اقبال هيڊڪوا??ٽر ۽ نمائش جي علائقي جو دورو ڪ??و، جتي کيس ڪمپني جي جديد منصوعات، خدمتن ۽ حل جو مظاهرو ڏيکاريو ويو. ان موقعي تي کيس وچ اوڀر ?? وچ ايشيا ۾ ڪمپني جي ڪاروباري ترقي جي منصوبن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پاڪستاني وفد به سي پيڪ جي تعمير ۾ ٽيڪنالاجي جي انضمام تي هڪ بريفنگ ڏني. ٻنهي ڌرين آءِ ٽي جي شعبي ۾ مستقبل ۾ تعاون ۽ عملي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ٻنهي ڌرين اميد ظاهر ڪئي ته هو جديد ڊجيٽل ٽيڪنالاجي منصوعات ۽ حل تيار ڪرڻ لاءِ تعاون ڪن. پاڪستاني وفد ۾ سياسي قونصلر حسيب گوهر، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي قونصلر خان محمد وزير ۽ رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت جي انفرااسٽرڪچر اسپيشل??ٽ ڊاڪٽر مزمل ضيا شامل آهن.
رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال پاران بيجنگ ۾ آءِ سافٽ اسٽون انفارميشن ٽيڪنالاجي پارڪ جو دورو
مضمون کا ماخذ : کڑک