اسلام آباد – 01 – ج??ور?? (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ??يان موجب اها مٽاسٽا پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن تي حملا نه ڪرڻ واري معاهدي تحت ٿي. 31 ڊسمبر 1988ع تي ٿيندڙ معاهدي موجب ٻئي ملڪ هر ڪيلينڊر سال جي پهرين جنوري ??ي پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن بابت ??ڪ ٻئي کي آگاهه ڪندا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهي مناسبت سان پاڪستان ۾ ائٽمي ٺڪاڻن جي فهرست باضابطا طور تي پرڏيهي وزارت ۾ اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي وئ??. ان سان گڏ ئي ڀارتي پرڏيهي وزارت ڀارت جي ائٽمي ٺڪاڻن جي فهرست نئين دهلي ۾ پاڪستاني ??اءِ ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪري ڇڏي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ 27 ج??ور?? 1991ع تي ائٽمي ٺڪاڻن تي حملا نه ڪرڻ واري معاهدي تي عملدرآمد کانپوءِ ٻئي ملڪ پهرين ج??ور?? 1992ع کان فهرستن جي مٽاسٽا ڪري ??هيا آهن.
پاڪستان ۽ ڀارت پاران پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن جي فهرستن جي مٽاسٽا
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن