گڏيل قومون – 31 مئي (اي پي پي) ايٽمي توانائي جي عالمي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي سربراهه چيو آهي، ته يوڪرين ۾ واقع يورپ جي سڀ کان وڏي ايٽمي بجلي گهر جي صورتحال ان??ها??ي نازڪ ۽ خطرناڪ ٿي چڪي آهي ۽ ا?? جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ گهرجن. روس جي اخبار مطابق انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل را??يل ماريا نوگروسي گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي چيو آهي، ته ذاپوريزيا نيوڪليئر پاور پلانٽ جي چوڌاري روس ۽ يوڪري?? جي فوج جون سرگرميون مستقبل قريب ۾ تمام گهڻيو وڌي سگ??ن ٿيون. هن چيو ته اسان خوشقسمت آهيون جو اڃا تائين ڪو ايٽمي حادثو ناهي ٿيو، پر موجوده صورتحال جاري رهي ته ڪنهن ڏينهن اسا?? جي خوشقسمتي ختم ٿي ويندي، انهي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجي طاقت مطابق هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ ??هرجي ته جيئن ان خدشي کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي. را??يل گروسي ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته زاپوريزيا ايٽمي بجلي گهر طرف يا ان خلاف ڪنهن به قسم جو حملو نه ٿيڻ گهرجي، خاص طور تي ري ايڪٽرز، ٻارڻ جي خرچ ٿيل ذخيري ۽ اهلڪارن کي نشانو نه بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته ايٽمي بجلي گهر کي ٽينڪن ۽ آرٽلري سسٽمز جهڙن وڏن هٿيار?? جي ذخيري يا اڏي طور استعمال نه ڪرڻ ??هرجي، هن چيو ته ان هنڌ کي فوجين کان پاڪ هئڻ گهرجي. هو گڏيل قومن ۾ روس جي ايلچي ويزيلي چيو آهي ته سندس ملڪ پلانٽ جي ايٽمي ۽ فزيڪل حفاظت کي وڌائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو. هن خبردار ڪيو ته زاپوريزيا ۽ ويجهي شهر انرگودار تي ٿيل حملن جو سخت جواب ڏنو ويندو. هن يوڪري?? جي حڪومت جي ان دعويٰ کي به رد ڪيو ته روس ان پلانٽ کي پنهنجي فوجين لاءِ ڍال طور استعمال ڪري رهيو آهي.
يوڪرين ۾ يورپ جي سڀ کان وڏي ايٽمي بجلي جي گهر جي صورتحال انتهائي خطرناڪ ٿي چڪي آهي: آءِ اي اي اي جو سربراهه
مضمون کا ماخذ : بونانزا