رياض -25 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت مسجد اقصيٰ ۾ قابض اسرائيلي فوج جي سرپرستي ۾ ??ڪ انتهاپسند گروهه طرفان لڳاتار شر انگيز ڪارروائين جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪئي آهي، ??عودي خابرو اداري مطابق پ??ڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ اسرائيل جي اختيارين طرفان ڪيل اهڙن قدمن تي افسوس جو اظهار ڪيو، جيڪي امن قائم ڪرڻ لاءِ عالمي ڪوششن کي نقصان پهچائي رهيا آهن ۽ مذهبي ??قدس جي احترام بابت عالمي اصولن ۽ قدرن جي ابتڙ آهن. پرڏيهي وزارت فلسطين جي عوام جي حمايت ۽ فلسطين جي علائقن تي اسرائيل جو قبضو ختم ڪرڻ جي سمورين ڪوششن جي حوالي سان سعودي عرب جي ٺوس موقف جو ورجاءُ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل