گڏيل قومون-27 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪينيڊا ۾ رهندڙ سک اڳواڻ جي قتل کانپوءِ گڏيل قومن ۾ ڀا??تي پرڏيهي وزير ايس جئه شنڪر ڪينيڊا سان تازي ڇڪتاڻ جو سڌو سنئون حوالو ڏيڻ کان پاسو ڪيو ۽ م??مب?? رياستن تي زور ڀريندي چيو ته ه?? دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ تشدد خلاف قدمن جو تعين ڪرڻ لاءِ سياسي سهولت جي اجازت نه ڏين. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس ۾ م??مب?? ملڪن جو ڌيان ڀارت جي سربراهي ۾ ٿيندڙ جي 20 اجلاس، عالمي معاملن ۾ ڀا??تي قيادت جي ڪردار ۽ ڀا??تي خلاباز جو چنڊ تي وڃڻ جهڙين ڪاميابين طرف ڇڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته جڏهن اسان هڪ مڃيل طاقت بڻجڻ جي خواهش رکون ٿا ته ه?? پنهنجي برتري لاءِ ناهي پر وڌيڪ ذميواري کڻڻ ۽ وڌيڪ تعاون ڪرڻ لاءِ آهي، هن چيو ته اسان پنهنجي لاءِ جيڪي هدف مقرر ڪي?? آهن اهي اسان کي ان??ن سمورن ماڻهن کان مختلف ڪندا جن جو عروج اسان کان پهرين هو. حقيقت ۾ گڏيل قومن ۾ ڀارت جي عادت آهي ته ه?? سڌو سنئون پنهنجي تنقيد تي ڳالهه ناهي ڪندو، ان ڏس ۾ ڀا??تي پرڏيهي وزير چيو ته دنيا کي اهو نه ڏسڻ گهرجي ته سياسي سهولت دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ تشدد جي قدمن جو تعين ڪري ٿي.
سک اڳواڻ جو قتل: گڏيل قومن ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير پاران ڪينيڊا سان تازي ڇڪتاڻ جو سڌو سنئون حوالو ڏيڻ کان پاسو
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II