غزه-17 آڪٽوبر (اي پي پي)??زه ۽ خان يونس ۾ اسرائيلي فضائي حملن ۾ وڌيڪ 71 فسلطيني شهيد ٿي ويا آهن ۽ اسرائيلي فوج طرفان اتر ??زه جي 10 لک کان وڌيڪ رهواسين کي علائقو خالي ڪرڻ جي الٽيمٽم کانپوءِ هزارين فسلطيني ??زه ۽ مصر جي سرحد تي واقع رفح ڪراسنگ تي گڏ ٿي ويا آهن، جڏهن ته اسرائيل طرفان عدم تعاون سبب هي راهداري اڃان تائين ناهي کولي وئي. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ۽ سندس برطانوي هم منصب جيمز ڪليورلي چيو آهي ته هو رفح ڪراسنگ کي ٻيهر کولڻ لاءِ اسرائيل، مصر ۽ خطي جي ٻين ملڪن جي عملدارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن پر گڏيل قومن چيو ته رفح ڪراسنگ کي ٻيهر کولڻ جي باري ۾ ڳالهين ۾ ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي. مصري عملدار ان سلسلي ۾ اسرئيل تي عدم تعاون جو الزام لڳائيندي چيو ته هو ??زه تي فضائي حملا مسلسل جاري رکيا آهن جنهن سبب ??زه کان ٻاهر وڃڻ وارا سمورا رستا بند آهن. اسرائيلي فوج گذريل هفتي ??زه جي ناڪابندي جو حڪم ڏنو هو ۽ پاڻي، خ??را?? جي سپلائي بند ڪري ڇڏي هئي. سومر ڏينهن جنگ بندي جي اطلاعن تي ??زه جا هزارين رهواسي ٻاهر وڃڻ لاءِ رفح ڪراسنگ تي گڏ ٿي ويا تنهن هوندي به اسرائيلي وزيراعظم ۽ حماس ٻنهي جنگ بندي جي تر??يد ڪئي جنهن سبب اهي ماڻهو اڃان تائين رفح ڪراسنگ تي ڦاٿل آهن. هي ڪراسنگ ??زه مان نڪرڻ جو واحد ا??ڪا??ي رستو آهي پر اسرائيلي ??زه تي پنهنجي فضائي مهم شروع ڪرڻ کانپوءِ رفح ڪراسنگ پوائنٽ جي ڀرپاسي جي علائقن کي گهٽ ۾ گهٽ 3 ڀيرا نشانو بڻايو آهي، آمريڪا ۽ برطانيه سميت ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي شهرين کي رفح ڪراسنگ ڏانهن وڃڻ جي سفارش ڪئي آهي جيڪي ان کي ٻيهر کولڻ لاءِ تيار آهن. مصر ۽ ٻين عرب رياستن جو چوڻ آهي ته هي ناقابل قبول هوندو ڇاڪاڻ ته هي فسطلينين کي سندن سرزمين تان بي دخل ڪرڻ جي برابر هوندو، ٻئي پاسي ??زه جي گهرو وزارت ٻڌايو ته خان يونس ۽ رفح ۾ واقع گهرن کي سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات اسرائيلي حملن ۾ نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 71 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.
غزه ۽ خان يونس ۾ اسرائيلي فضائي حملن ۾ وڌيڪ 71 فسلطيني شهيد
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات