ڪوپن هيگن- 01 جنوري (اي پي پي) ڊينمارڪ جي راڻي ما??گر??ٿ ٽو 52 سال حڪومت ڪرڻ کانپوءِ اقتدار ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي. العربيا نيوز مطابق راڻي ما??گر??ٿ نئين سال جي تقريب کي خطاب دوران اقتدار تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو. راڻي ما??گر??ٿ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 14 جنوري تي اقتدار پنهنجي پٽ شهزادي فيڊرڪ کي ڏئي ڇڏينديس. اقتدار ڇڏڻ جو اهو فيصلو 2023 ع جي شروع ۾ ٿيل چيلهه جي سرجري کانپوءِ ڪيو هو. خطاب دوران راڻي ما??گر??ٿ ڪيترن ئي سالن کان سن??س حمايت ڪرڻ تي ڊينمارڪ جي عوام جو ٿورو پڻ مڃيو. واضح رهي ته ما??گر??ٿ 1972 ۾ پنهنجي والد ڪنگ فريڊڪ جي لاڏاڻي کانپوءِ تخت سنڀاليو هو.
مضمون کا ماخذ : بونانزا