گڏيل قومون -03 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن غزه ۾ جاري اس??ائ??لي نسل ڪشي جون ڪارروائيون والاريل اولهندي ڪناري تائين پکڙجڻ ب??بت خبردار ڪندي چيو آهي، ته اس??ائ??ل جي نسل پرستي غزه ۽ اولهندي ڪناري کي نشانو بڻايو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق فلسطيني علائقن ۾ گڏيل قومن جي خاص نمائندي فرانسسڪا البانيز ه?? بيان ۾ چيو آهي، ته اس??ائ??ل طرفان نسل ڪشي جون ڪارروائيون غزه کان اڳتي وڌي والاريل فلسطيني علائقن جي سمورن حصن تائين پکڙجي سگهن ٿيون. هن چيو ته اس??ائ??ل کي هڪ ڊگهي عرصي کان ڏنل ڇوٽ والاريل علائقن ۾ فلسطيني شهرين کي ختم ڪرڻ جي اجازت برابر آهي. هن چيو ته فلسطينين کي انهن طاقتن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي ته جيڪي کين هڪ قومي گروهه ??ور ختم ڪرڻ چاهين ٿيون. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اس??ائ??ل طرفان فلسطينين جي نسل ڪشي کي فوري ??ور روڪڻ لاءِ پنهنجي طاقت ذريعي هر ممڪن ڪوشش ڪري. هن فلسطيني علائقن مان اس??ائ??لي قبضي جي خاتمي ۽ آبادڪارن طرفان فلسطينين جي زمينن تي قبضي کي روڪڻ جو مطالبو ڪيو. واضح رهي ته 7 آڪٽوبر کان پوءِ اولهندي ڪناري ۾ اس??ائ??ل طرفان پرتشدد ڪارروائين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جتي اٽڪل 4 لک 90 هزار اس??ائ??لي آبادڪار 30 لک فلسطينين وچ ۾ رهن ٿا.
اسرائيل جُون نسل ڪشي واريون ڪارروائيون والاريل فلسطيني علائقن جي سمورن حصن تائين پکڙجي سگهن ٿيون: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار