دي هيگ- 22 نومبر (اي پي پي) اسرائيل ??مريڪا ۽ ارجنٽائن عالمي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) پاران اسرائيلي وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير جي گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي، جڏهن ته يورپي يونين جي ميمبر ملڪن، انساني حقن جي تنظيمن ۽ ??لس??يني اٿارٽي اسرائيلي اڳواڻن جي گرفتاري وارنٽ کي سٺو قدم قرار ڏنو آهي.گرفتاري وارنٽ غزه ۾ آڪٽوبر 2023ع کان جاري اسرائيلي فوجي ڪاررواين دوران جنگي ڏوهن جي الزامن هيٺ جاري ڪيا ويا آهن. اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نتين ياهو عدالتي قدم کي يهودي مخالف قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو جديد دور جي ڊريفس ٽرائل وانگر آهي جيڪو ان ئي وانگر ختم ٿي ويندو. آمريڪي صدر آءِ سي سي پاران اسرائيلي اڳواڻن جي گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ کي ڇڪتاڻ وارو في??لو قرار ڏنو آهي، هن چيو ته اسان اسرائيل ??ي سلامتي کي ??اح?? خطرن خلاف اسرائيل ??ان گڏ آهيون. ارجنٽائن جي صدر جاويئر ميلي ”ايڪس“ تي جاري پوسٽ ۾ چيو ته سندن ملڪ ان عدالتي في??لي سان اختلاف جو اعلان ڪري ٿو، جيڪو حملن جي جواب ۾ اسرائيل ??ي دفاع جي حق کي نظر انداز ڪري ٿو. يورپي يونين ۽ پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزف بوريل چيو آهي ته اهو عالمي عدالت جو في??لو آهي ان جو احترام ڪندي ان تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي. ??لس??يني اٿارٽي چيو آهي ته آءِ سي سي جو في??لو عالمي قانوني ادارن ۾ اميد ۽ اعتماد جو اظهار آهي. ??لس??يني اٿارٽي آءِ سي سي جي في??لي کي عالمي ادارن ۾ اميد ۽ اعتماد جو اظهار قرار ڏنو آهي. ??لس??يني اٿارٽي عدالتي ميمبرن تي زور ڀريو آهي ته اهي نتين ياهو ۽ يوايو گيلانٽ سان رابطا ۽ ملاقاتون ختم ڪرڻ واري پاليسي تي عملدرآمد ڪري. ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سيڪريٽري جنرل ايگنس ڪالامرڊ جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي پاران گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ اسرائيلي وزيراعظم نتين ياهو هاڻي سرڪاري طور تي هڪ گهربل ماڻهو آهي. ترڪ پرڏيهي وزير هاڪن في??ان اسرائيلي اڳواڻن جي گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ واري قدم جي تعريف ڪندي ان کي اهم قرار ڏنو. اٽلي جي دفاع واري وزير گويدو ڪاسٽيو چيو آهي ته اسان جو ملڪ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نتين ياهو ۽ دفاع واري وزير يوايو گيلانٽ جي دوري جي موقعي تي انهن کي گرفتار ڪر?? جو پابند هوندو. اسپين جي حڪومت جو پڻ اهو چوڻ آهي ته انهن جو ملڪ ان في??لي جو احترام ڪندي ان جي پابندي ڪندو. اسپين جي عملدارن جو چوڻ آهي ته انهن پاران روم جي آئين ۽ عالمي قانون کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان اسان کي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻيون پونديون. هوڏانهن بيلجيئم جي پرڏيهي وزارت جو پڻ چوڻ آهي ته ڏوهه جتي به هوندو بيلجيئم ان جي سزا تي ڪنهن به قسم جي ڇوٽ جي خلاف هوندو.
اسرائيلي وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير جا گرفتاري وارنٽ، آمريڪا ۽ اسرائيل جي مذمت
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری