اسڪردو – 20 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه هڪ تاريخي منص??بو آهي، جنهن جي مڪمل ٿيڻ سان گلگت بلتستان کي سڀ کان وڌيڪ فائدو ٿيندو ۽ علائقي ۾ خوشحالي ايندي، گلگت بلتستان ??ي عوام اقتصادي لنگهه جي ثمرن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃي، ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ سمورين سازشن کي ناڪام بڻائڻو پوندو. صدر اها ڳالهه قراقرم انٽرنيشنل يونيورسٽي ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ معززين کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه م??ص??بو موجوده دور جو عظيم الشان منص??بو آهي جنهن تي تيز رفتاري سان ڪم جاري آهي، ان منصوبي سان پوري ملڪ ۾ ترقي جون نيون راهون کلنديون.
مضمون کا ماخذ : loteria estadual