اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته سموريون پارلياماني پارٽيون قومي ۽ سلامتي جي معاملي تي هڪ آواز آهن، اسان چاهيون ٿا ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان سا?? پيدا ٿيندڙ صورتحال تي اهڙو لائحه عمل جوڙيو وڃي جنهن سا?? ملڪ جو وقار مجروح نه ٿئي ۽ ڳالهين جو عمل به جاري رهي، ان جي لاءِ قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ دفاعي ا??ارن کي گهرائي متفقه بيانو جوڙيو ويندو. پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، دفاع ??ار?? وزير خرم دستگير خان، موسمياتي تبديلين ??ار?? وفاقي وزير سينيٽر مشاهد الله خان، هائوسنگ ۽ تعميرات ??ار?? وفاقي وزير اڪرم خان دراني، وزيراعظم جو خصوصي مددگار بئريسٽر ظفر الله، قومي ا??يمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، قومي سلامتي ??ار?? صلاحڪار جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
سموريون پارلياماني پارٽيون قومي سلامتي جي معاملي تي هڪ آواز آهن: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ