اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وڻڪاري کي پاڪستان جي بهتر مستقبل لاءِ اڻٽر قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ??لڪ کي سرسبز ۽ شاداب بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، ڇاڪاڻ ??و ماحولياتي تبديلي پاڪستان لاءِ وڏو خطرو آهي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن شڪر پڙيان اسلام آباد ۾ جاپاني طرز تي وڻڪاري جي منصوبي جو ??فتتاح ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته وڻڪاري رڳو هڪ مشغلو نه آهي پر اهو پاڪستان جي ايندڙ نسلن کي بهتر مستقبل ۽ صاف سٿرو ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ اڻٽر قدم آهي. مياواڪي جاپاني طرز وڻڪاري آهي، جنهن تحت روايتي طريقن بدران 10 ڀيرا وڌيڪ تيزي سان ۽ 30 ڀيرا وڌيڪ گهاٽا ٻيلا پوکي سگهجن ??ا، 10 ارب وڻ پوکڻ جي منصوبي تحت اسلام آباد ۾ اهڙي طرح جي 10 جاين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جتي جاپاني طرز تي وڻڪاري ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ 10 وڏن ملڪن ۾ شامل آهي، اسان کي ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته لاهور ۽ پشاور جهڙا ميٽرو پوليٽن شهر ڪڏهن باغيچن جا شهر سڏرائيندا هئا پر آبادين ۽ آلودگي وڌڻ جي ڪري اهي شهر ساوڪ کان محروم ٿي ويا. هن چيو ته هوا ۾ آلودگي جي ڪري ٻار ۽ وڏا وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن ۽ سراسري عمر 11 سالن تائين گهٽ ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اها صورتحال ان لاءِ پيدا ٿي ته لاهور جهڙي شهر ۾ وڻ وڍي شهر کي پٿرن جو ??هنگ بڻايو ويو، ان صورتحال کي وڻڪاري ذريعي ئي تبديل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اسان کي ماحول دوست زندگي اختيار ڪرڻي پوندي، وڻڪاري ۽ ماڻهن جا ذهن تبديل ڪر?? اسان پنهنجي معاشري کي بهتر بڻائي سگهون ??ا، هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت هڪ ارب وڻ پوکڻ ??و منصوبو ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ۽ هاڻ?? اسان سڄي ??لڪ ۾ 10 ارب وڻ پوکڻ جو ??ه هدف حاصل ڪنداسين. وزيراعظم موسمياتي تبديلي واري صلاحڪار ??لڪ امين اسلم ۽ سندس ٽيم جي ڪم کي ساراهيو ۽ چيو ته اهي ??لڪ ۾ وڻڪاري جي منصوبن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ وڏي محنت ڪري رهيا آهن.
حڪومت ملڪ کي سرسبز ۽ شاداب بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔