اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گلگت بلتستان جي خوبصورتي قابل ديد آهي، علائقي ۾ امن قائم ٿيڻ جي ڪري گذريل سال 20 لک قومي ۽ عالمي سياحن علائقي جو رخ ڪي??. نلتر ۾ ونٽر اسپورٽس فيڊريشن آف پاڪستان ۽ پاڪ فضائيه جي حصيداري سان جاري ونٽر اسپورٽس جي مقابلن جي پڄاڻي واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي هن چيو ته گلگت ايئرپورٽ تي انٽرنيشنل اڏامون شروع ڪرڻ، علائقي ۾ رستن جي صورتحال بهتر بڻائڻ، ٽيلي مواصلات ۽ انٽر??يٽ جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي.
مضمون کا ماخذ : ریل رش