اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آ??ي ته خصوصي ماڻهن خاص طور تي جسماني معذوري جو شڪار عورتن کي معاشري جو فعال حصو بڻائڻ جي لاءِ دنيا سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، پارليامينٽ قانونسازي سميت خصوصي ماڻهن جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، آئون يقين ڏياريان ٿو ته پارليامينٽ ??ن حوالي سان پنهنجون سموريون ذميداريون پوري ڪندي. هو پارليامينٽ هائوس جي اڱڻ ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جسماني طور تي معذور عورتن جي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته عورتن جو عالمي ڏهاڙو اهڙو موقعو آ??ي ته ان جي ذريعي اسان معاشري جي خصوصي ماڻهن جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ ۽ کين معاشري جو فعال حصو بڻائڻ لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي شعور اجاگر ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اسان ان سفر ۾ دنيا سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن پارليامينٽ ۾ عورت ميمبرن جي گروپ ومين ڪاڪس جي چيئرمين منزه حسن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ هن قانونسازي جي حوالي سان جيڪو ڪردار ادا ڪيو آ??ي اهو واکاڻ جوڳو آ??ي. پارليامينٽ ??ي سطح تي هن هيست??ئي?? کنيل قدمن جي باري ۾ ڳاله??ئي??دي چيو ته اسان خصوصي ماڻهن جي لاءِ آءِ سي ٽي به منظور ڪيو آ??ي ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ پارليامينٽ ??ي خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي آهي، جنهن جو مقصد قانونسازي ۾ جهولن کي ختم ڪرڻ ۽ اهڙيون سفارشون جوڙڻ آهي جنهن جي ذريعي موجوده قانونن تي عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي. اسپيڪر اسد قيصر چيو ته اسپتالن ۽ اهم تعلي??ي ادارن ت??ئي?? به خصوصي ماڻهن جي پهچ يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم ٿي رهيو آ??ي، پارليامينٽ ??ي خصوصي ڪميٽي تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ موجوده قانونن تي عملدرآمد لاءِ به ڪم ڪري رهي آهي، خصوصي ماڻهن جي لاءِ موب??ئي?? ايپ به شروع ڪئي وئي آهي جنهن جي ذريعي شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۽ ڊر??ئي??نگ لائسنس سميت ٻي سروسز ت??ئي?? انهن جي پهچ آسان ٿيندي.
معذوري جو شڪار عورتن کي معاشري جو فعال حصو بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار