اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي جي ڪوتاهين جي نتيجي ۾ اڄ عوام پيس??ي رهي آهي، بجلي جا مهانگا منصوبا لڳايا ويا، پهچ ۽ ورڇ جي نقصانن تي ضابطو آڻڻ ۽ سسٽم جي خرابين کي ٺيڪ ڪرڻ ??ي رخن کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو جنهن جو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پئ??ي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظها?? هن بجلي جي قيمتن ۽ خاص طور تي بجلي جي شعبي ۾ گردشي قرضن ?? گ??ٽت??ئي آڻڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم کي بجلي جي موجوده قيمتن، گردشي قرضن ?? انهن قرضن ?? گ??ٽت??ئي جي حوالي سان تجويز ڪيل حڪمت ??مل?? تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومت جي ڪوششن جي نتيجي ۾ جتي ٽيڪنيڪي ۽ غير ٽيڪنيڪي نقصانن ۾ گ??ٽت??ئي جو رجحان سامهون آيو آهي اتي بجلي جي بلن جي وصولين ۾ به بهتري آئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽرانسميشن اينڊ ڊسٽريبيوشن لاسز (پهچ ۽ ورڇ) ۾ وڌيڪ گ??ٽت??ئي آڻڻ جي لاءِ حڪمت ??مل?? تيار ڪئي وئي آهي. ڀرپور ڪوشش آهي ته پهچ ۽ ورڇ جي مد ۾ ٿيندڙ اصل نقصانن ۽ نيپرا پاران منظور ٿيل شرح جي وچ ۾ فرق کي گهٽ ترين سطح تي آڻي سگهجي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نقصانن تي ضابطو آڻڻ ۽ وصولين کي بهتر ڪرڻ جي حوالي سان ايندڙ ٻن سالن ۾ مقرر ڪيل ٽارگيٽ جي نتيجي ۾ تقريبن سوا ٽي سئو ارب روپين جي بهتري ايندي جنهن جو فائدو صارفين کي ميسر ايندو.
وزيراعظم جي صدارت ۾ بجلي جي قيمتن ۽ خاص طور تي بجلي جي شعبي ۾ گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان اجلاس
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز