اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته صحت ڪارڊ سميت پي ٽي آءِ جي هر منصوبي جي آغاز تي (ن) ليگي ترجمانن جي دعوائن کي ڏسي اه?? ممڪن آهي ته اه?? سڀاڻي ان طرح جي دعويٰ به شروع ڪندا ته بلب جي ايجاد به ٿامس ايڊيسن نه پر نواز شريف جاتي عمرا ۾ ڏيئي جي روشني ۾ ويهي ڪئي هئي جنهن جي ڪري سندس پليٽيليٽس به گهٽجي ويا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سيني??ا ۾ پهريون پروجيڪٽيڊ فلم جو سهرو به شهباز شريف جي سر آهي، جنهن ”چيلهه ۾ تڪليف“ جي باوجود اه?? تاريخي ڪارنامو ڪري ڏيکاريو. شريف ڀائرن جنهن ”شرافت“ سان ملڪي خزاني تي هٿ صاف ڪيا، ادارن کي درٻاري بڻائ?? جي ڪوشش ڪئي، پارليامينٽ کي مغليه رنگ ڏنو، انهن سان اه?? ئي ڪجهه منسوب ٿي سگهي ٿو
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر