اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته برطانيه جي دوري دوران لنڊن ۾ برطانوي هم منصب سان ملاقات ڪري ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري جي هڪطرفي منسوخي جو معاملو اٿاريو هو، انگلينڊ ٽيم جو دورو ??نا مشاورت جي ختم ڪرڻ سان نقصان ٿيو. پنهنجي بيان ۾ پر??يهي وزير چيو ته مون برطانيه جي دوري جي موقعي تي پنهنجي برطانوي هم منصب سان ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري جي هڪطرفي منسوخي جو معاملو اٿاريو هو، برطانوي پر??يهي وزير خاطري ڪرائي ته هو اسان جا خدشا برطانوي ڪرڪيٽ بورڊ تائين پهچائيندو، انگلينڊ ٽيم جو دورو ڪينسل ٿيڻ سان ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ جي شوقينن ۾ مايوسي هئي، شاهه محمود قريشي چيو ته انگلينڊ ٽيم جو دورو ??نا مشاورت جي ختم ڪرڻ سان نقصان ٿيو، سرڪاري ٽي وي، عوام، پي سي بي سڀني جو نقصان ٿيو، برطانوي پر??يهي وزير چيو ته اها سندس حڪومت نه پر ڪرڪيٽ بورڊ جو فيصلو هو. شاهه محمود قريشي چيو ته برطانوي پر??يهي وزير خاطري ڪرائي ته هو اسان جا خدشا برطانوي ڪرڪيٽ بورڊ تائين پهچائيندو، ان خبر مان لڳي ٿو ته پاڪستان جو موقف رجسٽر ٿيو آهي، هن چيو ته اسان جو مقصد سمجهائڻ هو ته اهڙا فيصلا ڪرڻ سان ا??ر پوندا آهن اهڙن فيصلن سان رانديگرن، شوقينن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته انگلينڊ ٽيم کي پنهنجو شيڊول ڏسڻ گهرجي ته هو ڪڏهن اچي سگهي ٿي.
برطانوي هم منصب آڏو ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري جي هڪطرفي منسوخي جو معاملو اٿاريو هو: پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن